ڪراچي(م ڊ) آبي وسيلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا جي چيني قونصل خاني تي حملي بعد هٿياربند ٿي پهچڻ تي سخت تنقيد جي ور چڙهي ويو. ڪراچي ۾ چيني قونصل خاني تي دهشتگردن جي حملي بعد آبي وسيلن وارو وفاقي وزير فيصل واوڊا به پرائيويٽ گارڊن سان گڏ هٿيارن سان ليس ۽ بلٽ پروف جيڪٽ پائي واقعي واري هنڌ پهتو. واقعي واري هنڌ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته هو دهشتگردن سان مقابلو ڪرڻ آيو آهي ۽ هو ملڪ لاءِ وڙهندو. سوشل ميڊيا تي وفاقي وزير کي اهڙي معاملي تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ مختلف تبصرا ڪيا پيا وڃن. سوشل ميڊيا صارفن وفاقي وزير کي واقعي واري هنڌ اهڙي طرح انٽري تي سوال بيهاري ڇڏيا آهن. سوشل ميڊيا صارفن طرفان فيصل واوڊا جي هٿيار، بلٽ پروف جيڪٽ ۽ پرائيويٽ گارڊن سان گڏ انٽري تي چيو ويو، ڇا فيصل واوڊا تربيت يافته آهي؟ ڇا فيصل واوڊا جي انٽري فوٽو سيشن هئي؟ ڇا ڪو وزير يا ايم اين اي آپريشن دوران ائين اچي سگهي ٿو؟ سوشل ميڊيا تي ٿيل تنقيد بعد وفاقي وزير آپي کان ٻاهر نڪري ويو ۽ ٽوئيٽ ڪندي لکيو آهي ته جنهن وقت چيني قونصل خاني تي حملو ٿيو ته هو ڀرسان ئي موجود هو ۽ مون کي جڏهن اطلاع مليو ته ٻين لاڳاپيل ادارن کي ان حوالي سان آگاهه ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني هئڻ ناطي اِهو منهنجو حق آهي ته لائسنس يافته هٿيار سان پنهنجو بچاءُ ڪيان.