نيب چيئرمين جي ميگا ڪرپشن ڪيسن کي ترجيحي بنيادن تي انجام تائين پهچائڻ جي هدايت

اسلام آباد (بيورو) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال ميگا ڪرپشن ڪيسن کي ترجيحي بنيادن تي انجام تائين پهچائڻ جي هدايت ڪئي آهي. نيب جي پڌرائيءَ موجب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نيب علائقائي بيوروز جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو. پڌرائيءَ موجب نيب چيئرمين چيو ته بدعنواني جو خاتمو اسان جو ايمان آهي، ڪرپشن فري پاڪستان لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته ميگا ڪرپشن ڪيسن کي ترجيحي بنيادن تي انجام تائين پهچايو وڃي، گهٽ ماليت جا ڪيس لاڳاپيل اينٽي ڪرپشن ادارن کي موڪلي وڃن، جڏهن ته مقرر وقت ۾ ڪيس حتمي انجام تائين نه پهچائيندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي ٿيندي. نيب جي پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته قومي احتساب بيورو جو مجموعي ڪنوڪشن ريٽ لڳ ڀڳ 77 سيڪڙو آهي، گذريل 12 مهينن ۾ 503 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، 44 هزار 315 ماڻهن خلاف شڪايتون وصول ٿيون.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *