اسلام آباد(بيورو)سپريم ڪورٽ پاڪستان تحريڪ لبيڪ طرفان فيض آباد ۾ ڌرڻي بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي، سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ جسٽس قاضي فائز عسيٰ تي ٻڌل سپري ڪورٽ 2 رڪني بينچ فيض آباد ڌرڻو پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي. اٽارني جنرل هڪ دفعو ٻيهر عدالت ۾ پيش نه ٿيو ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته اٽارني جنرل اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ شريڪ آهي. جسٽس قاضي فائز چيو ته اٽارني جنرل معاشيات جو ماهر آهي، اي سي سي جي اجلاس ۾ سندس ڪهڙو ڪم آهي، اٽارني جنرل رياست جو سڀ کان وڏو لا آفيسر آهي يا وزيراعظم جو ذاتي ملازم؟ اسان توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيون ٿا، معزز جج رمارڪس ڏيندي چيو ته اٽارني جنرل ۽ ججن سميت هر ڪو رياست جو ملازم آهي، ڇا وزيراعظم سپريم ڪورٽ کان مٿڀرو آهي، وزيراعظم اٽارني جنرل کي چيو ۽ اڳيان ٿي هلي پيو، اٽارني جنرل کي وزيراعظم کي ٻڌائڻ گهرجي ها ته کيس عدالت ۾ پيش ٿيڻو آهي، اٽارني جنرل کي وزيراعظم سان معذرت ڪرڻ گهرجي ها. سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن عدالت کي ٻڌايو ته 20 نومبر تي گهرو وزارت کي ٽي ايل پي جي رجسٽريشن بابت خط لکيو آهي، اسان جو قانون هٿرادو ناهي، اليڪشن ڪميشن جي لا آفيسر پنهنجي غلطي تسليم ڪئي آهي، اليڪشن ڪميشن قانون تي عمل ڪرڻ واري تمام سياسي جماعتن کي نوٽيس جاري ڪيا آهن، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کان سوال ڪيو ته توهان هڪ جماعت کي نوٽيس ڪيو اهي چون جهنم ۾ وڃو پوءِ توهان ڇا ڪندو؟ ڇا شڪريه چئي ڪيس ختم ڪري ڇڏيون؟ اليڪشن ڪميش چوي ٿي ان جو قانون هٿرادو آهي، ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل به عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ان موقعي تي هن پنهنجي دليل ۾ چيو ته آئين اليڪشن ڪميشن جو ڪم چونڊ ڪرائڻ آهي، پارليمنٽ جي بڻائل اليڪشن قانون ۾ سقم آهي، جسٽس قاضي فائز عسيٰ اٽارني جنرل کان سوال ڪيو توهان سياسي جماعت تي ڏنڊ لاڳو نٿا ڪري سگهو؟ ڇا توهان سياسي جماعت جي رجسٽرين معطل نٿا ڪري سگهو. جنهن تي اٽارني جنرل چيو رجسٽريشن معطل ڪرڻ جو طريقار الڳ آهي، ان تي جج ريمارڪس ڏنا ته پنهنجي غلطي تي پارليمنٽ تي الزام نه ڏيو، اسان هر وقت پارليمنٽ خلاف ڳالهه ڪندا آهيون، پارليمنٽ اليڪشن قانون گهڻو ڪليئر آهي، پارليمنٽ جي خدمختياري کي تسيلم ڪيو، جسٽس قاضي وڌيڪ پڇاڻو ڪيو ته ڇا پي ٽي آءِ ۽ عوامي تحريڪ ڌرڻو هنيو ته انهن جو مطالبو هو ته ڌاندلي ٿي ڪميشن جوڙي وڃي؟ ڪميشن گڏيل طور تي چيو ڌانڌلي جا الزام غلط آهن، پي ٽي آءِ ۽ عوامي تحريڪ ڇا قوم کان معافي ورتي؟ ڇا انهن کي گهرجي ها ته هو قوم کان معافي وٺن؟ هن چيو ته اهي ڪميشن جي نتيجن کي نٿا مڃون، معزز جج چيو ته اسان کي طئي ڪرڻو پوندو ته اسان کي پاڪستان ڪئين هلائڻو آهي، طاغوتي قوتون ملڪ جو مستقبل طئي ڪرڻو آهي يا پارليمنٽ کي؟ ڇا بنيادي حق به رڳو زيبائشي شيون آهن، ان کان پوءِ عدالت فيض آباد ڌرڻو ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو.