ڪراچي( پ ر) ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اِي) ميڊيا جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن جي تربيت لاءِ ”ميڊيا اڪيڊمي“جي قيام عمل جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن ميڊيا جي جديدي رجحان ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي حوالي سان معلومات، تربيتي ڪورسز ۽ ضروري رابطن ذريعي صلاحيتن کي اجاگر، اپ گريڊ ۽ اپ ڊيٽ ڪري سگهجي. ميڊيا اڪيڊميءَ جو اعلان سي پي اين اِي جي انتظام هيٺ منعقد هڪ خاص تقريب ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ جرمنيءَ ڊوئچي ويليءَ اڪيڊميءَ جي ڊپٽي ڪنٽري هيڊ لينا ايلٽر ۽ پاڪستان ۾ ڊوئچي ويلي جي چيف ايگزيڪيوٽو آصف خان خاص طور تي شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اِي) جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر جبار خٽڪ ٻڌايو ته ميڊيا اڪيڊمي تحت ميڊيا ايجوڪيشن ۽ ميڊيا ٽرينگ جي مسلسل پروگرامن جي ذريعي صحافت، ڪمپيوٽر جي استعمال، مارڪيٽنگ، سرڪيوليشن، ڊسٽربيوشن ۽ ريونيو جنريشن سميت ميڊيا جي مختلف شعبن لاءِ مخصوص نوعيت جا تربيتي پروگرام ترتيب ڏئي نصاب جا ڪيئي ٽرنگ ماڊولز ترتيب ڏنا ويندا ته جيئن اڪيڊمي ۽ ٽريننگ ورڪشاپس ذريعي ميڊيا جي مختلف شعبن ۾ سرگرم ماڻهن جي تربيت ڪري انهن جي صلاحيتن ۾ اضافو ڪيو وڃي. واضع رهي ته ميڊيا جي شعبي ۾ هن وقت تائين ڪم ڪندڙ ڪارڪنن جي تربيت واري عمل کي نظرانداز پئي ڪيو ويو آهي. هُن وضاحت ڪئي ته سي پي اين اِي ميڊيا اڪيڊميءَ جا پروگرام ملڪ ۾ موجود يونيورسٽين جي ميڊيا ايجوڪيشن جي پرگرامن کا بلڪل مختلف هوندا ڇو جو ميڊيا اڪيڊمي جي ذريعي ميڊيا جي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن لاءِ صرف اپلائڊ ايجوڪيشن (عملي صلاحيت) جي تربيت ۽ ڄاڻ تي مبني هوندا. هُن وڌيڪ چيو ته سي پي اين اِي جي تجويز ڪيل ميڊيا اڪيڊمي جي CME يا ڪنٽينوئنگ ميڊيا ايجوڪيشن (مسلسل صلاحيت ) پروگرام لاءِ ڊوئچي ويلي اڪيڊمي جي تعاون سان ميڊيا جي نئين رجحانن ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي حوالي سان معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ پرڏيهي ماهرن کي پڻ پاڪستان دعوت ڏئي گهرايو ويندو ته جيئن ميڊيا جي ادارن کي باصلاحيت ڪارڪنن جي فراهميءَ کي ممڪن بڻائي سگهجي. هُن ويڌڪ چيو ته صحافتي ضابطه اخلاق تي موثرعمل لاءِ ميڊيا اڪيڊمي جي انتظام هيٺ ضروري مهارت تي مبني تربيت جو پڻ انتظام ڪيو ويندو. هُن چيو ته ميڊيا اڪيڊمي جي تربيتي پروگرامن ۾ جعلي خبرن، نفرت انگيزي ۽ انتها پسنديءَ تي مبني مواد جي روڪ جي سلسلي ۾ پڻ خاص توجه ڏئي سگهبي. محترمه لينا ايلٽر چيو ته ميڊيا جي شعبي ۾ ٿيندڙ تبديلن کي سمجهڻ، جديد ٽيڪنالاجيءَ جا فائده حاصل ڪرڻ، مستند ۽ معتبر معلومات فوري طور تي عوام تائين پهچائڻ جي سلسلي ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ صحافين ۽ ڪارڪنن جي مسلسل تربيت ۽ انهن کي ڄاڻ فراهم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، تنهنڪري ميڊيا اڪيڊميءَ جو قيام وقت جي انتهائي ضرورت آهي. هُن وڌيڪ چيو ته ڊوچئي ويلي 2015ع کان وٺي سي پي اين اِي سان مسلسل سهڪار ۾ آهي ۽ ايندڙ ٽن سالن تائين پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ ميڊيا ڪارڪنن جي جسماني، نفسياتي ۽ ڊجيٽل تحفظ متعلق تربيت سميت ٻين اهم مقصدن تي توجهه ڏني ويندي. هُن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ جيڪي به صحافتي مشاهده ۽ مطالعه ٿيا آهن انهن جي مٽا سٽا به ڪئي ويندي. پاڪستان ۾ ڊوئچي ويلي جي چيف ايگزيگيٽو آصف خان چيو ته صحافين، ميڊيا جي ڪارڪنن ۽ صحافت سان لاڳاپيل ٻين شعبن جي ملازمن جي تربيت ۽ ڄاڻ لاءِ سي پي اين اِي جون ڪوششُون ساراهه جوڳيون آهن. هُن وڌيڪ چيو ته سي پي اين اِي ميڊيا اڪيڊمي ملڪ ۾ ميڊيا جي منظر نامي ۾ ڪيئي مثبت تبديلين جو سبب ۽ محرڪ بڻبي. ميڊيا اڪيڊمي تعليمي ادارن ۽ ميڊيا جي ادارن جي وچ ۾ فرق کي گهٽ ڪرڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندي. آصف خان اعلان ڪيو ته ڊوئچي ويلي ايڪڊمي سي پي اين اِي جي ميڊيا اڪيڊمي، ايڊيٽرز ڪلب ۽ صحافين جي مدد لاءِ قائم ڪيل هيلپ لائن جي حوالي سان به هر ممڪن مدد ڪندي. ان کان اڳ سي پي اين اِي سنڌ جي نائب صدر جناب اڪرام سهگل تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو ته صحافين جي جسماني، نفسياتي ۽ ڊجيٽل تحفظ لاءِ توجهه ڏيڻ انتهائي ضروري آهي. ان کان اڳ غلام نبي چانڊيو سي پي اين اِي جي قائم ڪيل هيلپ لائن جي حوالي سان مهمانن کي پڻ آگاه ڪيو. سي پي اين اِي جي پرجيڪٽس اينڊ پروگرامز ڪميٽيءَ جي چيئرمين عامر محمود مهمانن کي ڀلي ڪار چوڻ بعد ايڊيٽرز ڪلب جي مقصدن تي روشني وجهندي ايڊيٽرز ڪلب جي نيٽ ورڪ کان مهمانن کي آگاه ڪندي وڌيڪ چيو ته هي نيٽ ورڪ معلومات ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ اوپن فورم آهي. سي پي اين اِي جي نائب صدر طاهر فاروق مجوزه ميڊيا اڪيڊميءَ جي قيام کي صحافين ۽ ميڊيا جي ڪارڪنن لاءِ خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته صحافين کي پيشوراڻي شعبن ۾ تربيت ملڻ بعد اخباري ادارن ۽ ميڊيا هائوسز کي باصڪلاحيت ماڻهو ملي سگهندا. تقريب ۾ سي پي اين اي جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل اعجاز الحق، سينيئر ميمبرن حامد حسين عابدي، طاهر نجمي، عارف بلوچ، عبدالخالق علي، عبدالرحمان منڱريو، فيصل زاهد ملڪ، مظفر اعجاز، مقصود يوسفي، احمد اقبال بلوچ، جاويد مهر شمسي، محمود عالم خالد، علي بن يوسف. يحى خان سدوزئي، ڊاڪٽر توصيف احمد خان، ميان طارق جاويد، شير محمد کهاوڙ، عثمان عارب ساٽي، محمد يونس مهر، ڪمال صديقي، سيد رضا شاهه، ناصر داد بلوچ، ناصر خٽڪ، منزهه سهام، حسينه جتوئي، حميده گهانگهرو ۽ صدره ڪنول سميت وڏي انگ ۾ صحافين ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي.