پاڪ فوج جي ترجمان جي پيمرا جي چيئرمين سان ملاقات

اسلام آباد ( بيورو )  پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور پيمرا جي چيئرمين محمد سليم بيگ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ميڊيا جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر موجب پيمرا چيئرمين محمد سليم يگ ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي هاڪاري سڃاڻپ اجاگر ڪرڻ ۾ ميڊيا جي ڪردار تي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ پرڏيهي ميڊيا ۾ پاڪستان جو موقف بهتر نموني اجاگر ڪرڻ بابت معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر موجب ميجر جنرل آصف غفور ۽ محمد سليم بيگ قومي ميڊيا کي ملڪ جي هاڪاري سڃاڻپ اجاگر ڪرڻ ۽ قومي موقف کي هٿي ڏيڻ لاءِ هر ممڪن سهولت جي فراهمي تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ جمهوريت مخالف طاقتن طرفان پرڏيهي ميڊيا ۾ ٿيندڙ ملڪ دشمن واويلا جو مضبوط نموني جواب ڏيڻ ۾ ملڪي ميڊيا جي ڪردار تي به ڳالهيون ڪيون ويون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *