ڪراچي (هه آ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ميئر ڪراچي وسيم اختر تي زور ڀريو آهي ته هو تاريخي ايمپريس مارڪيٽ جي بحالي بابت قديمي ورثي جي ماهرن کي پڻ شامل ڪري ته جيئن انهيءَ جي اصل خوبصورتي کي برقرار رکي سگهجي. هن اها ڳالهه اڄ انهيءَ سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪئي. وڏي وزير چيو ته ايمپريس مارڪيٽ جي چوڌاري حددخلين جي خاتمي کانپوءِ ايمپريس مارڪيٽ پنهنجي اصل صورت ۾ نظر اچي رهي آهي هاڻي انهيءَ جي بحالي وارو ڪم تمام اهم ۽ حساس ٽاسڪ آهي جيڪو قديمي ورثي جي ماهرن جي مشاورت ۽ رهنمائي ذريعي هئڻ گهرجي. هن چيو ته ماهرن جي مناسب رهنمائي کانسواءِ انگريز دؤر جي هن مارڪيٽ کي اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ ممڪن نه آهي. مراد علي شاهه چيو ته شهر ۾ امن ۽ امان جي بحالي کانپوءِ حددخلين جو خاتمو هڪ ٻيو وڏو چيلنج هو جيڪو ڀليءَ ريت پورو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اهي علائقا جتان کان حددخلين جو خاتمو ڪيو ويو آهي اهي لازمي طور تي صاف سٿرا هئڻ گهرجن ۽ وڌيڪ چيو ته انهن وٽ هڪ منصوبو آهي ته ورلڊ بينڪ اسپانسرڊ پروجيڪٽ ذريعي سڀني پراڻين عمارتن کي بحال ڪيو وڃي جنهن ۾ صوبائي حڪومت پڻ پنهنجن وسيلن کي ڪتب آڻيندي. هن ميئر ڪراچي کي پڪ ڏيندي چيو. وڏي وزير چيو ته ڪراچي جو اسان سڀني سان ڳانڍاپو آهي ۽ انهيءَ کي صاف سٿرو بڻائي دنيا جي رهائشي اعتبار کان بهترين شهرن مان هڪ بڻائڻو آهي. سڀئي هيريٽيج عمارتون جيڪي شهر جي پراڻي علائقن ۾ واقع آهن انهن کي اصل حالت ۾ بحال ڪيو ويندو. هن چيو ته اولڊ سٽي کان پاڪستان چوڪ ۽ اتان کان صدر تائين بحالي وارو ڪم تيز ڪيو ويندو ۽ اهڙيءَ طرز تي شهر جي ٻين علائقن ۾ بحالي وارو ڪم ڪيو ويندو. ميئر ڪراچي چيو ته هو مارڪيٽ جي بحالي واري ڪم ۾ ناليوارن ماهرن کي شامل ڪري رهيو آهي.