ناپاڪ دشمن جي عزم کي خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين: ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوه

ڪوئيٽا(م ڊ) ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوه چيو آهي ته اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ اتحاد سان وڙهي، پاڪ فوج توهان جي پنهنجي فوج اهي، اسان خدمت جي لاءِ هتي موجود آهيون، ناپاڪ دشمن جا عزم خاڪ ۾ ملائينداسين.  تفصيل موجب ڪوئيٽا ۾ فرنٽيئر ڪور بلوچستان جي بندوبست هيٺ آپريشنل ايڪسي لينس ايوارڊ تقريب جو بندوبست ڪيو ويو، ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ايف سي بلوچستان جو تقريب رٿڻ تي ٿورائتو آهيان، دهشتگردي جي خلاف جنگ اتحاد سان وڙهياسين. ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوه جو چوڻ هو ته بلوچستان جو عوام سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي، بلوچستان جي عوام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو. ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ چيو ته ايوارڊ کٽڻ وارن کي مبارڪ پيش ڪيان ٿو، پاڪستان ۾ امن، ڀائي چارو ۽ انصاف ڪنداسين، اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ اتحاد سان وڙهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪ فوج توهان جي پنهنجي فوج آهي، اسان خدمت جي لاءِ هتي آيا آهيون، سڄي ملڪ جيان بلوچستان ۾ به دهشتگردي ڦهلائي وئي، شاطر دشمن منصوبابندي جي تحت ڪارروائيون ڪيون، انٽيليجنس ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيون ٿا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *