جمال خاشقجي جي قتل بابت مڪمل رپورٽ هڪ ٻن ڏينهن ۾ اچي ويندي: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن(م ڊ) امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته سعودي صحافي جمال خاشقجي جي قتل بابت رپورٽ هڪ ٻن ڏينهن ۾ اچي ويندي جنهن ۾ خبر پئجي ويندي ته هي حڪم ڪنهن ڪيو. امريڪي سينٽرل انٽيلي ايجنسي( سي آئي اي) پنهنجي تحقيق کان پوءِ ان نتيجي ۾ پهتي آهي ته سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ترڪي ۾ صحافي جمال خاشقجي  جي قتل جو حڪم ڏنو ه، جڏهن ان حوالي سان صحافين صدر ڊونلڊ ٽرمپ کان سوال ڪيو جنهن تي ٽرمپ جو چوڻ هو ته ٻن ڏينهن ۾ تفصيلي رپورٽ اچي ويندي جنهن ۾ ٻڌايو ويندو ته جمال خاشقجي جي قتل جي پويان ڪنهن جو هٿ هو. هن چيو ته انتظاميا طرفان ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ جمال خاشقجي جي قتل تفصيلي رپورٽ جاري ڪئي ويندي، ٻئي طرف امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان هيٿهر نورٽ جو چوڻ آهي ته حڪومت اڃا تائين ان نتيجي تائين ناهي پهتي ته جمال خاشقجي جي قتل جي ذميوار ڪير آهي ان حوالي سان سوال پڇڻ ته ان ڪو به جواب نه ڏنو، هوڏانهن سعودي عرب جمال خاشقجي جي قتل ۾ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ملوث هجڻ جي سختي سان ترديد ڪئي آهي، سعودي عرب طرفان صحافي جمال خاشقجي جي قتل تي تڪراري بيانن مسئلي کي وڌيڪ ڳنمڀير ڪري ڇڏيو،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *