نواءِ سنڌ ميڊيا گروپ جي سڏ تي شڪارپور ۾ ثقافتي رنگ شروع، شاهه لطيف ڪامرس ڪاليج ۾ رنگا رنگ پروگرام

شڪارپور (رپورٽ : عتيق ڌڪڙ) نواءِ سنڌ ميڊيا گروپ جي سڏ تي شڪارپور ۾ ثقافتي رنگ شروع، شاهه لطيف ڪامرس ڪاليج ۾ رنگا رنگ پروگرام، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي ڊائريڪٽر ڪاليجز سميت استادن، شاگردن، صحافين جي وڏي انگ ۾ شرڪت، ثقافتي راند ونجهه وٽي، رسا ڪشي ۽ ٻيا مقابلا، ٽيبلوز تي نوجوانن جون جهمريون. تفصيل موجب نواءِ سنڌ ميڊيا گروپ جي سڏ تي شڪارپور ۾ ثقافتي پروگرام شروع ٿي ويا آهن، ان ڏس ۾ شاه لطيف ڪامرس ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر اعجاز احمد کوکر طرفان ڪاليج ۾ هڪ پروگرام ڪيو ويو جنهن ۾ ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز سکر جي پروفيسر محمد اڪبر سرڪي، ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز لاڙڪاڻو پروفيسر لياقت علي گهانگهرو، ڊپٽي ڊائريڪٽر لاڙڪاڻو جاويد ميمڻ، آپڪا جي ضلعي صدر عبدالوهاب ڪاغذي، اڳوڻو ڊي او اسپورٽس فقير حسين هڪڙو، شڪارپور بچايو تحريڪ جي ميان ظفر علي علوي، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر سکر آغا وحيد سميت ڪاليج جي پروفيسرن، ليڪچرارن، سينيئر صحافين زاهد نون، رحيم بخش جمالي، عبدالسلام انڙ، بابر علي پٺاڻ، رحمت الله سومرو، سوڍو جيمس، سلطان رند ۽ ٻيا مختلف کاتن جي آفيسرن، شاگردن ۽ والدين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي شاگردن ۽ استادن ۾ ڌار ڌار ثقافتي راند ونجهه وٽي جا مقابلا ڪرايا ويا، جڏهن ته ٽگ آف وار رسا ڪشي جا پڻ مقابلا ڪرايا ويا، جنهن بعد شاگردن کان سنڌي ثقافت بابت انگريزي ۽ سنڌي ۾ پڻ تقريرن جا مقابلا ڪرايا ويا، پروگرام ۾ شاگردن ۽ استادن پڻ قومي گيت ڳايا، جڏهن ته شاگردن طرفان سنڌي گيت هو جمالو تي زبردست رقص ڪيو، مهمانن تقريرون ڪندي چيو ته تعليم ۽ ثقافت جو اهم ڳانڍاپو آهي، ههڙن پروگرامن سان ثقافت متعلق شاگردن کي به وڏي ڄاڻ ملي ٿي، نواءِ سنڌ اخبار سميت سموري سنڌي ميڊيا کي جس آهي جنهن ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جو نعرو هنيو اڄ سڄي سنڌ ثقافت ۾ جرڪي رهي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *