فيض آباد ڌرڻو: حڪومت ڪيس نٿي هلائڻ چاهي ته ٻڌائي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان ( ٽي ايل پي) جي نومبر 2017ع ۾ فيض آباد ڌرڻي واري معاملي تي ورتل پاڻمرادي ڪيس جي ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل جي غير موجودگي تي ڪاوڙ جو اظهرا ڪندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن حڪومت ان ڪيس کي نٿي هلائڻ چاهي ته عدالت کي ٻڌائي. جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي آغاز تي ڊپٽي اٽارني جنرل سهيل محمود عدالت جي آڏو چيو ته اٽارني جنرل موجود ناهي، ان ڪري ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي. جسٽس فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته اٽارني جنرل ڪٿي آهي؟ سندس مرضي آهي ائي يا نه اچي. ڊپٽي اٽارني جنرل آگاهه ڪيو ته اٽارني جنرل لاهور ۾ آهي، کيس چيف جسٽس ثاقب نثار هدايت ڏني هئي ته ڪجهه ڪيسن جي سلسلي ۾ اُتي اچي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته چيف جسٽس نه پر عدالت هدايت ڏيندي آهي، اسان به عدالت آهيون ۽ اِها تاريخ به اٽارني جنرل جي خواهش تي ڏني هئي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فيض آباد ڌرڻي جو حوالو ڏيندي وڌيڪ چيو ته پاڪستان بند ٿي ويو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ڪيس اهم ٿي ٿو سگهي. گڏوگڏ هن پڇاڻو ڪيو ته اِهو مذاق ناهي، اٽارني جنرل کي پگهار ڪير ڏيندو آهي؟ ڊپٽي اٽارني جنرل ٻڌايو ته اٽارني جنرل کي عوام جي ٽيڪس مان پگهار ملندي آهي. جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته ٽيڪس مان پگهار ملندي ته هو جوابدار آهي. هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت ان کيس کي نٿي هلائڻ چاهي ته عدالت کي ٻڌائي ان کي دفن ڪري ڇڏينداسين. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته ٻڌايو وڃي ته پاڪستان کي فعال رياست بڻائڻو آهي، ان قانون جي ذريعي هلائڻو آهي يا اسٽريٽ پاور سان؟ گڏوگڏ هن پڇاڻو ڪيو ته ڇا اُن وقت ڌرڻو هڻڻ وارن قوم کان معافي گهري؟ هتي سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ڌرڻو هنيو ويو، جج عدالت ۾ نه اچي سگهيا هئا. هن وڌيڪ چيو ته اُن وقت جيڪي ماڻهو حڪومت ۾ هئا، اُهي به بعد ۾ پارٽي تبديل ڪري ويا، پارٽي تبديل ڪيو ته نفرتون ختم ٿي وينديون آهن. جسٽس فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته ان عدالت جو مينڊيٽ آئين ۽ پاڪستان آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسڪول ۾ بم ڦاٽن ته ڀتيون ڊگهيون ڪيو، لا اينڊ آرڊر جو مسئلو هجي ته موبائيل تي پابندي لڳائي ڇڏيو، 22 ڏينهن پاڪستان بند رهيو، ڪير جواب ڏيندو؟ ائين پاڪستان نه هلندو. ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن طرفان تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي رجسٽريشن بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي. عدالت خادم حسين رضوي ۽ پير افضل قادري جي پروفائيل پڙهي ۽ ريمارڪس ڏنا ته چيو ويو آهي ته هي ڪرپٽ آهن، اِهو ناهي ٻڌايو ويو ته هي ڪهڙي قسم جا ڪرپٽ آهن. جسٽس فائز عيسيٰ وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته ٻڌايو ويو آهي ته اسان کي انهن جي آمدني جي ذريعن جي خبر ناهي، سندن انڪم ٽيڪس بابت به ڪا سُڌ ناهي، جيڪڏهن توهان نٿا ٻڌائي سگهو ته اسان آءِ بي ۽ پوليس کان پڇنداسين. هن پڇاڻو ڪيو ته تحريڪ لبيڪ  اليڪشن مهم تي ڪيترو خرچ ڪيو؟ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ڊائريڪٽر ليگل جواب ڏنو ته خرچن جي تفصيل ناهي ڏني وئي. جسٽس فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته تفصيل ناهي ڏني وئي ته توهان ڪهڙو ايڪشن ورتو. ڊائريڪٽر ليگل اليڪشن ڪيمشن جي جواب تي جسٽس فائز عيسيٰ مٿي پڪڙي ورتو ۽ ريمارڪس ڏنا ته توهان آئين ۽ پنهنجي اداري جي قانون کي گهٽ سمجهي رهيا آهيو. ان موقعي تي هن پڇاڻو ڪيو ته سڀاڻي ڪير ٻيو پاڪستان بند ڪرڻ چاهي ته بند ڪري سگهي ٿو؟ جنهن تي اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين جون رپورٽون رد ڪندي هدايت ڪئي ته عدالت ۾ نيون رپورٽون جمع ڪرايو. سپريم ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي اٽارني جنرل سڌُ سماءَ واري سيڪريٽري کي به پيش ٿيڻ جي هديات ڪندي فيض آباد ڌرڻي تي پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ايندڙ خميس تائين ملتوي ڪري.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *