ڪراچي( م ڊ ) ڪراچيءَ جي ميئر وسيم اختر چيو آهي ته وڏي پئماني تي حددخلين کي هٽايو ويو آهي، ٽن ڏينهن بعد ڪراچي جي سمورن فوٽ پاٿن بابت آپريشن ڪنداسين. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وسيم اختر چيو ته شهر مان حددخليون هٽايون پيون وڃن، اسان ڪنهن سان زيادتي ڪرڻ نه ٿا چاهيون، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڪارروائي ڪنداسين، جن اسان سان سهڪار ڪيو تن کي گڏ کڻي هلندا، مان اڪيلو نه آهيان، سپريم ڪورٽ، رينجرز ۽ پوليس سميت سمورا ادارا گڏ آهن. هن چيو ته ٽن ڏينهن بعد ڪراچي جي سمورن فوٽ پاٿن بابت آپريشن ڪنداسين، پارڪن تي جيڪي حددخليون ۽ ڪاروبار ڪري رهيا آهن اهي هٽايا ويندا. سندس چوڻ هو ته ڪي ايم سي جي سمورن روڊن تان حددخليون هٽايون وينديون. وسيم اختر چيو ته واپاري ايسوسيئيشن اسان سان سهڪار ڪن، ملبو وڪرو نه پر ڊمپ ڪيو ويو آهي، ڪيبل آپريٽر پنهنجون سموريون تارون انڊر گرائونڊ ڪن جنهن جي ڊيڊ لائين پهريون ئي ڏئي چڪا آهيون.