لاهور(م ڊ) سپريم ڪورٽ وزير اعطم عمران خان جي ويجهي ساٿي ۽ خاص مددگار زلفي بخاري جي سموري ڄاڻ، مقرري جو عمل ۽ اهليت جي باري ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ بينچ زلفي بخاري جي وزير اعظم جي خاص مددگار هئڻ جي مقرري جي خلاف لاهور جي رهواسي محمد عادل چٽا ۽ ڪراچي جي رهواسي مرزا عبدالمعيز بيگ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. خيال رهي ته 18 سيپٽمبر تي وزير اعظم عمران خان پنهنجي ويجهي دوست ذوالفقار حسين بخاري عرف زلفي بخاري کي پنهنجو سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار مقرر ڪيو هو، پر بعد ۾ ان فيصلي جي خلاف عدالت سان رابطو ڪيو ويو هو. ان درخواست تي سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ٿيل ٻڌڻي ۾ زلفي بخاري، سندس وڪيل اعتزاز احسن ۽ ٻيا پيش ٿيا. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ملڪ جي اهم عهدن تي مقرر ڪرڻ اهم قومي فرض آهي پر دوستي تي اِهي معاملا نه هلندا پر قومي مفاد تي هلندا. ٻڌڻي جي آغاز تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته زلفي بخاري ڪاٿي آهي؟ ان تي زلفي بخاري انگريزي ۾ ڳالهايو ته چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان کي اردو ۾ ڳالهائڻ ناهي ايندو؟ ان تي زلفي بخاري چيو ته جي آئون اردو سگهان ٿو. زلفي بخاري جو چوڻ هو ته مون بي ايس سي پوليٽڪل سائنس ۾ ڪئي ۽ سمنڊ پار پاڪستانين سان بهترين رابطا آهن ۽ برطانيا ۾ 100 اعليٰ پاڪستانين ۾ شمار ٿيندو آهي، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پوءِ ته اِها غرور واري ڳالهه آهي.