اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته تحريڪ انصاف حڪومت 100 ڏينهن ۾ جيڪي ڪم ڪيا آهن، تاريخ ۾ ڪا حڪومت ان جي ڀرسان به نه پهتي، 100 ڏينهن جي ايجنڊا تي حاصل ٿيندڙ ڪاميابين بابت وزيراعظم 29 نومبر تي عوام کي آگاهه ڪندو. وفاقي ڪابينا اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري ته ايس پي طاهر داوڙ جي حوالي سان صورتحال ڪنفيوزن جو شڪار آهي، شهريار آفريدي کان تفصيل وٺي آگاهه ڪنداسين. هن اعلان ڪيو ته وزيراعظم جي سربراهي ۾ ”سرمايو پاڪستان ڪمپني“ ٺاهي ويندي. سندس چوڻ هو ته عمران خان جي سربراهي ۾ هڪومتي ادارن جي بهتري لاءِ به بورڊ ٺاهيو پيو وڃي، جنهن ۾ 3 وفاقي وزير بورڊ جو حصو هوندا ۽ بورڊ آف گورنرز ۾ 7 ماڻهو نجي شعبي ۾ ويندا. وفاقي وزير ٻڌايو ته بيورو ڪريٽس جي مقرري جي حوالي سان ڪابينا ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي، هن واضح ڪيو ته بيورو ڪريٽس جي مقرري ڪارڪردگي سان مشروط هوندي، وزيراعظم جو بيورو ڪريسي جي حوالي سان موقف واضح آهي ۽ سڌارن لاءِ پرعزم آهيون. فواد چوڌري چيو ته ارباب شهزاد، پرويز خٽڪ، شيخ رشيد ۽ خسرو بختيار تي ٻڌل ڪابينا ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا بيورو ڪريٽس جي ملازمت جي مدي بابت فيصلو ڪندي، الياس خان کي پي ٽي ڊي سي جي چارج ٽن مهينن لاءِ ڏني وئي آهي. هن دعويٰ ڪئي ته معيشت، موحوليات ۽ گورننس سميت ٻين شعبن ۾ بهتري آئي آهي، حڪومت جون 193 ڪمپنيون مختلف مسئلن جو شڪار آهن، ادارن جي بحاليءَ لاءِ انقلابي قدم کڻي رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته ڊاڪٽر عافيا صديقي جي ڏيهه واپسي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪنداسين، ٻاهرين ملڪن ۾ قيد پاڪستانين جي معاملي کي به ڏسي رهيا آهيون، قيدين کي هر ممڪن قانوني مدد فراهم ڪرڻ حڪومت جي ئي ذميواري آهي. هن چيو ته ڊنمارڪ مان پاڪستان ايندڙ ٻارڙين جي معاملي تي عدالتي حڪم جو احترام ڪيو ويندو.