سنڌ اسيمبلي ۾ سرڪاري ڪوارٽرن جي رهواسين کي مالڪاڻا حق ڏيڻ وارو ٺهراءُ منظور

ڪراچي(م ڊ) سنڌ اسيمبلي ۾ سرڪاري ڪواٽرن جي رهواسين کي مالڪاڻا حق ڏيڻ وارو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت سان رابطو ڪري ۽ مارٽن ڪوارٽر، ڪليٽن ڪوارٽرز، جهانگير روڊ ۽ پاڪستان ڪوارٽرز جي لکين رهواسين کي مالڪاڻ حق ڏئي. تفصيل موجب سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مارٽن ڪواٽرز، ڪليٽن ڪوارٽرز، جهانگير روڊ ۽ پاڪستان ڪوارٽرز جي لکين رهواسين کي مالڪاڻا حق ڏيڻ وارو ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، ٺهراءُ ايم ڪيو ايم جي خواجا اظهار الحسن پيش ڪيو. ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته مارٽن ۽ پاڪستان ڪوارٽرز جي رهواسين تي تشدد جي مذمت ڪيون ٿا، انهن سمورن رهواسين کي پاڪستان قائم ٿيڻ بعد سندن خدمتن جي صلي ۾ پهرين وزير اعظم لياقت علي خان ڏنا هئا، ان ڪري فوري طور تي انهن رهواسين کي مالڪاڻا حق ڏنا وڃن. ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت سان رابطو ڪري ۽ مارٽن ڪوارٽرز، ڪليٽن ڪوارٽرز، جهانگير روڊ ۽ پاڪستان ڪوارٽرز جي لکين رهواسين کي مالڪاڻا حق ڏئي ۽ ان جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ڏانهن موڪلي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *