گم ٿيل ماڻهن کي  بازياب نه ڪرايو ته پوليس آفيسر کي جيل موڪلبو: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي(م ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته پوليس گم ٿيل ماڻهن کي بازياب نه ڪرايو ته آفيسرن کي جيل موڪلينداسين. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت گم ٿيل ماڻهن جي عدم بازيابي بابت پوليس رپورٽن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي چيو ته هاڻ عدالت ان معاملي ۾ پليس تي سختي ڪندي، بازيابي ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي پوليس آفيسرن کي گهر موڪلينداسين. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي ريمارڪس ڏنا ته پوليس رپورٽن مان عوام مايوس ٿي چڪو آهي، آفيسر ڪجهه ته خدا جو خوف ڪن، گم ٿيل شهرين کي جلد بازياب ڪرايو وڃي، هر ڀيري جاچ آفيسر اسٽيريو ٽائپ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪندا آهن، ڪنهن ڪيس ۾ اڳڀرائي ناهي ٿي. جاچ آفيسر چيو ته محدم جاويد 2015ع کان سهراب ڳوٺ مان گم آهي ۽ سندس بازيابي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هڪ ٻئي شهري سهيل جي گمشدگي تي رينجرز ۽ حساس ادارن کي خط لکيا آهن پر جواب ناهي مليو. پاسبان جي جنرل سيڪريٽري عثمان معظم جي پٽ سعد صديقي جي گمشدگي جي درخواست تي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پوليس جي ايس ڊي پي او تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت ايس ڊي پي او گلبرگ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي چيو ته هاڻ ڪوتاهي وارو ڪم نه هلندو، گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جي معاملي تي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا کان به مدد ورتي ويندي. سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس، رينجرز، سنڌ حڪومت ۽ ٻين ڌرين کان 9 جنوري 2019ع تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *