اسان جو احتساب ضرور ٿئي پر جهانگير ۽ پرويز الاهي جو به احتساب ڪيو: ن ليگ

اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جو چوڻ آهي ته اسان جو احتساب ضرور ڪيو ويندو پر جهانگير ترين ۽ پرويز الاهي جو به احتساب ڪيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران حڪومت کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته مهانگائي جو طوفان پاڪستان ۾ آيو، آڪٽوبر ۾ مهانگائي جي شرح 7 سيڪڙو هئي جيڪا ڳڻتي جوڳي آهي، پيٽرول جي قيمت 87 رپين کان 97 رپيا في ليٽر ٿي وئي، مهانگائي جي شرح 4 سالن جي بلند ترين سطح تي آهي جڏهن ته ڪرنسي به ڊي ويليو ٿي رهي آهي ۽ ڊالر مسلسل وڌي رهيو آهي، ڊالر جي قدر ۾ واڌ منصوبابندي سان ڪئي وئي. مفتاح اسماعيل چيو ته پاڪستان تي 70.2 ارب ڊالر پرڏيهي ۽ 24 هزار ارب رپيا اندريو قرض هو، سعودي عرب کان پيسي ملي ويا آهن، چين ۽ يو اي اي مان ملڻ جي دعويٰ آهي پر هاڻ آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، بجلي جي قيمتن ۾ 144 سيڪڙو واڌ ٿي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *