شڪارپور(رپورٽ:عتيق ڌُڪڙ)شڪارپور ۾ انڪروچمينٽ خلاف ڊي سي جي زبردست ڪاروائي، دڪانن ۽ هوٽلن آڏو ٿيل قبضا هٽرايا ويا، روڊن تان هيلسنٽ ۽ بجري کي به کڻايو ويو، روڊ تي صندل ۽ ريڙها لڳائي قائم ڪيل هٿرادو مچي مارڪيٽ ختم، مچيءَ جو ڪاروبار ڪندڙن کي مارڪيٽ ۾ وڃڻ جو حڪم، شهرين طرفان ڊي سيءَ جي زبردست آجيان خبر موجب : شڪارپور ۾ ڊي سي سيد حسن رضا طرفان انڪروچيمنٽ خلاف ڪاروائي ڪندي ڪالھ شهر جي مشهور مصروف ۽ ڪاروباري روڊ رستم موڙ کان نم کبڙ موڙ تائين ٿيل وڏي پيماني واري انڪروچمينٽ کي هٽايو ويو، ڊي سي جي اڳواڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جواد احمد لاڙڪ، مختيار ڪار زاهد ڀٽي، ميونسپل جي انڪروچمينٽ سيل جو انچارج عمران بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڪرين ذريعي توڙي ميونسپل جي عملي طرفان ڄاڻايل روڊ تي دڪانن، هوٽلن ۽ ٻين ڪاروباري مرڪزن آڏو غيرقانوني طور تي آڏيل ڇپرن ،ٿلهن کي ڊاٿو ويو، جڏهن ته روڊ تي غيرقانوني طور صندل رکي توڙي ريڙها بيهاري مچيءَ جو ڪاروبار ڪندڙن کي پڻ هٽايو ويو، ان کانسواءَ روڊ تي غير قانوني طور تي هيلسنڊ ۽ بجرو رکي ڪاروبار ڪندڙ کي پڻ سخت هدايتون ڏيندي اهڙو ڪاروبار دڪانن ۾ ڪرڻ جو چيو ويو ۽ روڊ تي پيل هليسنڊ ۽ بجري کي به کڻايو ويو، ڊي سيءَ طرفان ڪاروائي ڪرڻ کانپوءِ ڪيتري ئي عرصي کان انڪروچيمنٽ سبب سوڙهو ٿيل جيڪب آباد ۽ ڪنڌڪوٽ شهرن ڏانهن ويندڙ مک روڊ تمام وڏو ويڪرو ٿي ويو، ڊي سيءَ طرفان روڊ تي غيرقانوني طور صندل ۽ ريڙها لڳائي مچيءَ جو ڪاروبار ڪندڙن کي سختيءَ سان حڪم ڪيو ته هو پنهنجو سمورو ڪاروبار اڄ کانپوءِ مچي مارڪيٽ ۾ ڪن نه ته ٻي صورت ۾ سندن خلاف ڪيس داخل ڪرائي گرفتار ڪيو ويندو، هوڏانهن ڊي سي شڪارپور سيد حسن رضا چيو ته شڪارپور شهر کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ انڪروچمينٽ خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، اڳ به شهر جي ڪيترن ئي علائقن مان انڪروچمينٽ ختم ڪرائي وئي آهي ۽ باقي رهيل روڊن ۽ علائقن ۾ ٻيهر ڪاروائي شروع ڪئي وئي آهي، هن چيو ته هر صورت ۾ انڪروچمينٽ خلاف ڪاروائي ٿيندي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ نه رڪبي، نه ئي ان تي ڪنهن جو دٻاءُ يا سفارش قبول ڪئي ويندي، هن چيو ته شهر مان انڪروچميٽ ختم ڪرائڻ جو اصل ڪم ميونسپل جو آهي پر بدقسمتي سان ميونسپل جا عملدار پنهنجو ڪم صحيح نموني نه پيا ڪن جنهن ڪري اهو ڪم انتظاميه ڪرائي پئي، هن چيو ته شڪارپور شهر جي بهتريءَ لاءِ جيڪو به قدم کڻڻ پيو اهو کڻندس، هن چيو ته هڪ سازش تحت شهر کي ٻوڻڻ لاءِ گٽرن ۽ نالن ۾ هٿرادو ٻورا ۽ رڪاوٽون وڌيون وڃن پيون، جيڪي مان ڪڍرايا آهن، جنهن جو مثال ڪجھ ڏينهن اڳ شهر جي الف شاھ شهيد واري علائقي ۾ نڪتل گندو پاڻي آهي،هن چيو ته اهڙيون سازشون ڪندڙن کي هرگز برداشت نه ڪبو ۽ انهن کي بي نقاب ڪيو ويندو، ٻي طرف ڊي سي جي انڪروچيمينٽ خلاف ڪيل ڪاروائي کي شهرين طرفان ڀرپور موٽ ڏيندي آجيان ڪئي وئي، ان موقعي تي شهرين چيو ته ڊي سي شڪارپور شهر ۾ بهترين نموني ڪم ڪري پيو، انڪروچيمٽ خلاف ڪيل ڪاروائي اسان جي دلن وٽان ڪاروائي آهي، هنن ڊي سي کي يقين ڏياريو ته هو اهڙي قسم جو ڪاروائيون ميرٽ جي بنياد تي ڪري اسان شهري سندس سان گڏ بيٺل آهيون