نواز شريف، مريم ۽ صفدر جي سزا معطلي خلاف نيب جي اپيل منظور،آزادي برقرار

اسلام آباد ( بيورو ) سپريم ڪورٽ نواز شريف، مريم ۽ صفدر جي سزا معطلي خلاف نيب جي اپيل ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي ڇڏي، جڏهن ته عدالت ٽنهي جي آزادي بابت اسلام آباد  هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ نواز شريف، مريم ۽ ڪئپٽن صفدر جي سزائن خلاف نيب جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.  چيف جسٽس ثاقب نثار خواجه حارث ي چيو ته توهان جو جواب ڪافي تفصيل سان آهي، مختصر معروضات پيش ڪيو، پوءِ ڏسڻو آهي ته معاملي تي لارجر بئنچ جوڙڻي آهي يا ناهي،  اهو اصول ڏسڻو آهي ته اپيلن جي ٻڌڻي کان اڳ سزا جي  معطلي سان ڪيس جي ميرٽ  ته متاثر نه ٿي آهي. جسٽس ثاقب نثار خواجه حارث سان ڳالهائيندي چيو ته توهان جي ضمانت وارو فيصلو قائم رکون ٿا. ٻڌڻي دوران خواجه حارث اسفند يار ولي ڪيس جو حوالو ڏنو جنهن تي چيف جسٽس چيو ته سزا معطلي جو معاملو ڏسڻو آهي، ميرٽ آف دي ڪيس متاثر نه ٿي آهي. چيف جسٽس نيب پراسيڪيوٽر سان ڳالهائيندي چيو ته پنهنجا نقطا لکي ڇڏيو توهان کي ته گذريل ٻڌڻي تي به چيو هو پنهنجون پوائنٽس لکت ۾ پيش ڪيو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس خواجه حارث سان دلچسپ مقالمو ڪيو ته منهنجي ڊاڪٽر مون کي ٻڌايو ته خواجه حارث جڏهن توهان جي سامهون پيش ٿيندو آهي ته توهان جي دل جي ڌڙڪن وڌي ويندي آهي. چيف جسٽس جي رمارڪس ڏيندي عدالت ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. عدالت نيب ۽ خواجه حارث جي جواب بعد نواز شريف، مريم ۽ صفدر جي سزا معطلي جو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو ۽ نيب جي اپيل ٻڌڻي جوڳي قرار ڏئي ڇڏي. چيف جسٽس چيو ته نيب جي درخواست منظور ڪري رهيا آهيون، مناسب هوندو ته لارجر بئنچ جوڙينداسين، جنهن ۾ فوجداري قانون جي وڏن ججن کي شامل ٿيڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 12 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *