اسلام آباد(بيورو) سنڌ ۾ هندو برادري جي ملڪيتن تي قبضن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ان ڪيس جي رپورٽ اسان کي 15 ڏينهن ۾ گهرجي. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ هندو برادري جي ملڪيتن تي قبضن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت عظميٰ ۾ ٻڌڻي جي شروعات تي ايم اين اي رميش ڪمار چيو ته ڪميٽي ڪجهه ملڪيتن جي نشاندي ڪئي آهي، لاڙڪاڻي مان 45 درخواستون مليون آهن. قومي اسيمبلي جي ميمبر رميش ڪمار چيو ته لاڙڪاڻي کان سواءِ به قبضن جون درخواستون ملي رهيون آهن، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان ڪميٽي جو دائرو وڌائي ٿا ڇڏيون. عدالت عظميٰ ريمارڪس ڏنا ته بنيادي طور تي اسان ڊاڪٽر ڀڳوان داس جي زال جي شڪايت تي نوٽيس ورتو هو، اي جي سنڌ ٻڌايو ته ڊاڪٽر ڀڳوان داس جا ڪيترائي ڪيس هاءِ ڪورٽ ۾ هلي رهيا آهن. چيف جسٽس آف پاڪستان ريمارڪس ڏنا ته ان معاملي ۾ ڪميٽي جي صحيح ٿيل رپورٽ اسان کي 15 ڏينهن ۾ گهرجي. بعد ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سنڌ ۾ هندو ڀائرن جي ملڪيتن تي قبضي بابت ڪيس جي ٻڌڻي 30 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.