اسلام آباد (بيورو) پ پ اڳواڻ رضا رباني ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) جي قانون ۾ ترميم جو بل سينيٽ ۾ پيش ڪيو، جنهن تي مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي اعتراض واري ڇڏيا. صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ اجلاس دوران پ پ سينيٽر رضا رباني اي سي ايل ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو، جيڪو لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي چيئرمين حوالي ڪيو ويو. ترميمي بل جي متن موجب وفاقي حڪومت ڪنهن به فرد جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جا سبب بيان ڪندي ۽ جن ماڻهن جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ٿي رهيو آهي، کين 24 ڪلاڪن اندر آگاهه ڪرڻ لازمي هوندو. ترميمي بل ۾ چيو ويو ته اي سي ايل ۾ نالا شامل ڪرڻ خلاف نظرثاني جي اپيل حڪومت کي موڪلي ويندي، جنهن تي وفاق کي 15 ڏينهن اندر فيصلو ڏيڻو هوندو، ٻي صورت ۾ لاڳاپيل شخص جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو معطل ٿي ويندو. مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي ترميمي بل تي اعتراض واريندي چيو ته اي سي ايل ۾ نالو شامل ڪرڻ جو موجوده طريقي ڪار درست آهي، 15 ڏينهن ۾ اي سي ايل ۾ نالو شامل ڪرڻ جي حوالي سان فيصلو ڪرڻ مناسب ناهي. سندس چوڻ هو ته تڪڙ ۾ غلط فيصلا ٿي ويندا آهن.