اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اسلام آباد انتظاميه جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پوليس ۽ ضلعي انتظاميه جي اعليٰ اختيارين سميت وزيراعظم جي سي ڊي اي بابت خاص مددگار علي اعواڻ ۽ ميئر انصر عزيز به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اسلام آباد جي سڪيورٽي سميت ٻين معاملن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران وزيراعظم عمران خان سڪيورٽي انتظامن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي.