واشنگٽن (م ڊ ) آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان صحافي جمال خاشقجي جي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن خلاف سخت ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي خابري اداري موجب آمريڪي پرڏيهي وزير سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان کي ٽيليفون ڪري جمال خاشقجي جي قتل جي جاچ ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي بابت آگاهي حاصل ڪئي ۽ يمن ۾ جاري جنگ جي پرامن حل جي ضرورت تي زور ڏنو. آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو سعودي ولي عهد محمد بن سلمان کي باور ڪرايو ته آمريڪا صحافي جمال خاشقجي جي قتل ۾ ملوث هر شخص کي ڏوهاري مڃيندو، ۽ سعودي ولي عهد کي به ائين ڪرڻ گهرجي. صحافي جي لاش بابت حقيقتون سامهون آنديون وڃن. مائيڪ پومپيو يمن ۾جاري جنگ جي پرامن حل جي ضرورت تي به زور ڏيندي چيو ته جنگ بندي لاءِ ڌرين وچ ۾ ”ٽيبل ٽاڪ“ ضروري ٿي ويا آهن. ان کانسواءِ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ يمني جنگ جي خاتمي ۽ گڏيل قومن جي سهڪار سان ٿيندڙ امن ڪانفرنس جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي.