عمران خان هيليڪاپٽر ڪيس ۾ ڪڏهن نيب ياترا ڪندو؟ مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (م ڊ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته قوم ڄاڻڻ چاهي ٿي ته عمران خان هيليڪاپٽر ڪيس ۾ ڪڏهن نيب ياترا ڪندو؟ فواد چوڌري جي بيان تي ردعمل ڏيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته فواد چوڌري 55 رپيا ڪلو ميٽر واري هيلي ڪاپٽر مان ٻاهر اچڻ لاءِ تيار ناهي، ناصر دراني کان غير قانوني ڪمن ۾ مدد نه ڪرڻ تي استعيفيٰ ورتي وئي. هن فواد چوڌري کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو ڪي پي حڪومت جي ٻاهرين قرضن جي ڪاٿي تي ڪڏهن ڳالهائيندو، عالمي منڊي ۾ تيل جو اگهه گهٽجڻ باوجود عمران خان جي حڪومت اگهه لاڳيتو وڌائي رهي آهي. مرتضيٰ وهاب مطالبو ڪيو ته بجلي ۽ گئس جا اگهه نه رڳو گهٽايا وڃن پر اڌ ڪيا وڃن ته جيئن عوام کي رليف ملي.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *