آمريڪي پابندين باوجود ايران سان واپاري رابطا برقرار رهندا: پاڪستان

اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آمريڪي پابندين جي باوجود ايران سان واپاري رابطا برقرار رکنداسين. سينيٽر طاهر مشهدي جي صدارت هيٺ سينيٽ جي پرڏيهي پاليسي بابت فورم جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل طرفان بريفنگ ڏني وئي. ڊاڪٽر محمد فيصل ڪميٽي کي ٻڌايو ته پاڪستان آمريڪي پابندين مان متاثر نه ٿيندو، ايران تي پابنديون پيٽروليم شين بابت آهن ۽ پاڪستان ايران کان تيل ناهي وٺي رهيو. هن چيو ته ايران سان لاڳاپا سٺا آهن ۽ رهندا، اسان ڪنهن ٻئي ملڪ جي چوڻ تي ايران بابت لاڳاپا خراب نه ڪنداسين. هن چيو ته آمريڪي پابندين جي باوجود ايران سان واپاري رابطا برقرار رهندا، اسان جي خواهش آهي ته گوادر ۽ چاهه بند گاهون گڏجي واپار ڪن.  ڀارت سان لاڳاپن بابت پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته ڀارت ۾ چونڊ پاڪستان جي خلاف نعرن تي وڙهي ويندي آهي. هن چيو ته وزير اعظم عمران خان ڀارتي هم منصب کي ڳالهين جي لاءِ خط لکيو، ڀارت ڳالهين جي حامي ڀري پر پوءِ پوئتي هٽي ووي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته نريندر مودي اچي ۽ ڳالهيون ڪري پر ڀارتي وزير اعظم ڳالهين تي رستي تان فرار ٿي رهيو آهي. ڊاڪٽر محمد فيصل چيو ته افغانستان ۾ حالتون ڏکيون ٿي رهيون آهن جڏهن ته آمريڪا کربين ڊالر خرچ ڪري به افغانستان ۾ امن ناهي آڻي سگهيو. هن ٻڌايو ته ماسڪو ۾ افغان امن عمل تي ڪانفرنس جاري آهي جنهن ۾ پاڪستان به شرڪت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته افغان امن جي لاءِ پاڪ چين افغانستان جو اجلاس ايندڙ مهيني ڪابل ۾ ٿيندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *