اسلام آباد ( بيورو ) مخالف ڌر ڊي جي نيب جي انٽرويو واري معاملي تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ التوا واري رٿ جمع ڪرائي ڇڏي. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ شروع ٿيو جنهن ۾ مخالف ڌر ڊي ڊي جي طرفان خانگي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ اسيمبلي ميمبرن کي نشانو بڻائڻ تي تحريڪ استحقاق آڻڻ جو مطالبو ڪيو. مسلم ليگ ن اڳواڻ شاهد خاقان عباسي ڳالهائيندي چيو ته نيب چيئرمين جي هدايتن تي هڪ نيب آفيسر اسيمبلي ميمبرن جو ميڊيا ٽرال ڪري رهيو آهي، جيڪي ڳالهيون نيب آفيسر ڪري رهيو آهي اهي ئي وزير به ڪن ٿا، اسان احتساب چاهيون ٿا پر اهڙن ماڻهن کان احتساب نه ٿا چاهيون جيڪي حڪومت کان پگهار کڻن ٿا، سپريم ڪورٽ جي هدايت آهي ته جاچ آفيسر ڪنهن اداري کي بي عزت نه ڪرڻ نه ڏينداسين، تنهن ڪري نيب آفيسر خلاف استحقاق واري رٿ ورتي وڃي. پ پ اڳواڻ نويد قمر چيو ته جيڪڏهن ميمبرن جي ميڊيا ٽرائل جي اجازت ڏني وڃي ته اهو سلسلو جاري رهندو، ڇا هاڻي نيب جي اها پاليسي آهي ته اهي رڳو ميڊيا ٽرال ڪندا جنهن تي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته استحقاق واري رٿ جو فائل ايندو ته قانوني راءِ وٺندس. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته قانون سڀني لاءِ برابر آهي، ڪنهن کي ايم اين اي هئڻ سبب ڇوٽ نه ٿي ڏئي سگهجي، تحريڪ استحقاق جو هٿيار استعمال ڪري ڪيس تي اثرانداز ٿيڻ درست ناهي، اهڙي ڪنهن به رٿ تي استحقاق آڻڻ قانون خلاف هوندو، مخالف ڌر اسپيڪر کي ڊڪٽيٽ نه ڪري جڏهن ته اپوزيشن ليڊر قانون واري وزير جي اعتراض باوجود نيب ڪيس تي تقرير ڪئي. قومي اسيمبلي پاران جمع ڪرايل استحاق واري رٿ ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڊي جي نيب اسيمبلي ميمبرن جي ساک مجروح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڊي جي نيب چيئرمين جي راضپي سان ٽي وي چئنلز کي انٽرويو ڏنو جنهن ۾ مخالف ڌر ميمبرن جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، ڊي جي نيب ڳجهي جاچ ۽ دستاويز ميڊيا تي ڏيکاريا تنهن ڪري معاملي تي استحقاق واري ڪارروائي ڪئي وڃي.