چين جو دورو اميدن کان وڌيڪ ڪامياب رهيو: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چين جو دورو اميدن کان وڌيڪ ڪامياب رهيو ۽ بيجنگ حڪومت اسان کي هر قسم جي سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن کي چين جي دوري بابت آگاهي ڏني وئي. اجلاس ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان سان زرعي شعبي ۾ پهريون ڀيرو مڪمل سهڪار ڪندو، ان کانسواءِ ٻين شعبن ۾ به سهڪار جي خاطري ڪرائي وئي آهي. اجلاس ۾ ايف بي آر ٽيڪس ڊائريڪٽري شايع ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي، جڏهن ته ايف بي آر ميمبرن پارليامينٽ جي الڳ ٽيڪس ڊائريڪٽري جاري ڪندا. ذريعن موجب ڪابينا رضوان ميمڻ کي ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان سان گڏوگڏ لبرٽي اينڊ لميٽيڊ کي چارٽرڊ لائسنس 2 جاري ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ شڪي ماڻهن کي حفاظتي تحويل ۾ وٺڻ جي به منظوري ڏني وئي، جڏهن ته ڪابينا برطانيا ۽ ڏکڻ آئرلينڊ سان قيدين ۽ ڏوهارين جي ڏي وٺ جي معاهدي توڙي سريلنڪا، سوڊان، نائجيريا، ترڪي، چين ۽ تاجڪستان سان مختلف شعبن جي معاهدن جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ ٽئلينٽ ڊولپمينٽ لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ هواوي ٽيڪنالاجي وچ ۾ معاهدي جي منظوري به ڏني وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا اجلاس ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ اٿارٽي جي سي اي او جي مقرري جي منظوري به ڏني وئي، اهڙي ريت اجلاس ۾ اڳوڻي حڪومت طرفان انجنيئرنگ ڊولپمينٽ بورڊ کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي ان کي برقرار رکڻ ۽ وڌيڪ فعال بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *