اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم عمران خان سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ملاقات ڪئي. ميڊيا جي رپورٽن موجب وزير اعظم ۽ آرمي چيف جي ملاقات قومي سلامتي ڪونسل جي اجلاس کان پهرين ٿي جنهن ۾ ملڪي سلامتي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. وزير اعظم عمران خان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي چين جي دوري بابت به آگاهه ڪيو ۽ کيس اعتماد ۾ به ورتو. واضح رهي ته وزير اعظم عمران خان چين جي دوري بعد رات جو ئي وطن واپس پهچي ويو آهي.