اسلام آباد ( بيورو ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اين آر او نه ٿو ڏئي سگهجي، ڪو اميد نه ڪري ته ڪيس روڪي ڇڏينداسين، يا پوئتي هٽي وينداسين. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته چين هميشه پاڪستان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺو آهي، چين سان لاڳاپا اهميت جوڳا آهن، وزيراعظم جي دوري کي تمام گهڻي اهميت ملي، سعودي عرب وانگر چين جو دورو به ڪامياب رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مقامي ڪرنسي ۾ واپار جو فائدو اهو آهي ته اسان کي 15 بلين ڊالر جي واپار تي ڊالر ۾ رقم ڏيڻي هجي ته اسان جي مٽاسٽا جي ذخيرن تي دٻاءُ اچي ويندو آهي، يوآن ۾ ڪاروبار ڪرڻ سان اسان جي ڊالر کي ڪوريج ملندي، هو ڪرنسي سپورٽ جو حصو آهي، چين جي معاشي پيڪيج تي اسد عمر ۽ خسرو بختيار ڏيهه اچي پريس ڪانفرنس ڪندا. سندس چوڻ هو ته سي پيڪ جي اسان هتي به واکاڻ ڪريون ٿا ۽ چين ۾ به ڪئي، ن لگ وارا هر شيءَ کي پنهنجي خاندان تي کڻي وڃن ٿا، شڪر آهي ته اهو نه چيو ته ميان صاحب جي ڪري چين سان لاڳاپا آهن، ملڪن جا لاڳاپا شخصيتن جي ڪري نه هوندا آهن، هڪ ٻئي جي مفادن تي هوندا آهن، پاڪستان جا عالمي برادري سان لاڳاپا ماضي جي حڪومتن کان وڌيڪ بهتر آهن، وچ اوڀر جي مسئلن تي عمران خان وزيراعظم جي حيثيت ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي اها هڪ تاريخي ڳالهه آهي ۽ پاڪستان کي فخر هئڻ گهرجي. فواد چوڌري چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ پاڪستان هڪ عالمي مقام ٺاهيو، وڏي عرصي بعد عمران خان جي صورت ۾ اهڙي ليڊرشپ ملي جنهن تي عالمي دنيا کي اعتماد آهي، اسلامي دنيا پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ عمران خان طرف ڏسي رهي آهي، يمن معاملي تي ڳالهيون اڳتي وڌيون آهن، ڌرين کي شامل ڪيو آهي، ان حوالي سان مضبوط حڪمت عملي سامهون ايندي، مسلمانن جي تڪرارن کي ختم ڪرڻ اسان جي پرڏيهي پاليسي جو مقصد آهي. هن چيو ته پاڪستان جي سياست ۾ به ڪجهه ماڻهو آهن جيڪي زمين تي فساد پکيڙي رهيا آهن کين خلا ۾ موڪليون ۽ واپسي جو رستو نه ڇڏيون ته اسان جي بچت ٿي ويندي.