ڪراچي(م ڊ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ فاروق ستار جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم ۾ ڪجهه ماڻهو آمريت جا آهن، هو پنهنجا گوشوارا ظاهر ڪري، ڪرپشن جي خاتمي جي نعري تي وزير اعظم عمران خان سان گڏ آهيان، پيپلز پارٽي، ن ليگ، ايم ڪيو ايم سميت جنهن به ڦرلٽ ڪئي ان جو احتساب ٿيڻ گهرجي. تفصيل موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ فاروق ستار سٽي ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ موسم تيزي سان تبديل ٿي رهيو آهي، سياستدان پنهنجي موسم واضح ڪندا آهن ڪڏهن گرمي ته ڪڏهن سيءُ. هن چيو ته پاڪستان کي وڻن جي سخت ضرورت آهي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ وڌيڪ چيو ته سي پيڪ ۾ ڪراچي جي وڏن پراجيڪٽن کي شامل ڪري سگهجي ٿو، ڪي فور جهڙا ٻيا به ڪيترائي منصوبا سي پيڪ ۾ شامل ٿي سگهن ٿا.