فواد چوڌري جي بيان تي وزيراعظم وضاحت ڪري: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري طرفان سنڌ حڪومت جي خاتمي بابت بيان تي پيپلز پارٽي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته وفاقي وزير جو سنڌ حڪومت جي خاتمي ڏانهن اشارو افسوسناڪ آهي، وزيراعظم بيان جي وضاحت ڪري. سندس چوڻ هو ته فواد چوڌري سنڌ حڪومت جا ڏينهن نه ڳڻي پر وفاق ۾ پنهنجي ڪارڪردگي جي ڳڻتي ڪري، هو اهڙا بيان ڏئي وفاقي حڪومت جي نااهليءَ تان عوام جو ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته فواد چوڌري سنڌ حڪومت جي خاتمي جي ڳالهه ڪري وفاق جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *