ڪراچي ( م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته احتساب تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو ڇاڪاڻ تي اسان کي ان جي بيناد تي ووٽ مليا آهن. هن ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وفاق سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان سبب سنڌ لساني سياست کان ٻاهر آهي نه ته ان کان اڳ سنڌ ۾ لساني سياست ٿي رهي هئي. سندس چوڻ هو ته هر هنڌ حڪومت رٽ قائم ٿيندي ۽ جنهن طرح احتجاج دوران تنقيد ڪئي وئي ان تي معافي ممڪن ناهي. هن وضاحت ڪئي ته سندس طرفان ناهي چيو ويو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ڪجهه ڏينهن جي مهمان آهي ڇاڪاڻ جو اسان سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جا خواهشمند آهيون. سندس چوڻ هو ته اسان پنهنجا سمورا واعدا پورا ڪنداسين، فواد چوڌري چيو ته ڪراچي جون حالتن جي بهتري لاءِ ڪم ڪنداسين.