اسلام آباد ( بيورو ) ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ هلڪي برسات، ڳڙي، برفباري ۽ ٿڌين هوائن سبب ٿڌي هڌي هوائن سان سرديءَ جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو آهي. لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ٿڌين هوائن رخ ڪيو آهي، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ هلڪي برسات جو به امڪان آهي. موسميات کاتي موجب اسلام آباد جو گرمي پد 13 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته لاهور ۾ گرمي پد 16 کان 21 ڊگري رهڻ جو امڪان آهي. ڪي پي ۽ بلوچستان جي به مختلف شهرن ۾ موسم سرد ٿي وئي آهي. ٻئي طرف گلگت بلتستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ برفباري سبب سرديءَ جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو ۽ برسات توڙي برفباري سبب ڪيترائي رابطا روڊ بند ٿي ويا آهن. مٿين علائقي استور ۾ به برفباري سبب ڪيترن ئي هنڌن تي زميني رابطو ڪاٽا ٿي ويو آهي پر سردي ۾ اضافي سبب علائقي ۾ ڪاٺيون به ناياب ٿي ويون آهن. آزاد ڪشمير ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي وري هلڪي برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي جڏهن ته نڪيال آزاد ڪشمير ۾ ٻن ڏينهن کان برسات جاري آهي. چلاس ۾ برسات ۽ لينڊ سلائينڊنگ سبب ٽن ڏينهن کان بند شاهراهه قرا قرم ننڍي ٽرانسپورٽ لاءِ کولي وئي آهي جڏهن ته چڪوال ۽ ڀرپاسي برسات ۽ ڳڙي سبب سرديءَ جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو آهي. بلوچستان جي مٿين علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ سرد هوائن جو راڄ آهي پر خشڪ سردي سبب موسمي بيماريون پکڙجي رهيون آهن.