ملڪ سڙي پيو ۽ وزيراعظم پارليامينٽ مان گم آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (بيورو) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن اڄ وزيراعظم ايوان ۾ هجي ها ته کيس چوان ها قدم وڌايو، اسان توهان سان گڏ آهيون. اسد قيصر جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال ۽ وزيراعظم جو قوم کي خطاب بحث هيٺ آيو. بلاول ڀٽو زرداري خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اميد هئي اڄ وزيراعظم ايوان کي اعتماد ۾ وٺندو، جيڪڏهن عمران خان هتي هجي ها ته کيس چوان ها قدم وڌايو، اسان توهان سان گڏ آهيون. هن چيو ته اسان جمهوريت، پارليامينٽ ۽ قانون جي حڪمراني سان گڏ آهيون ۽ هي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جو وقت آهي. سندس چوڻ هو ته اسان ڪنهن به سانحي کي برداشت نٿا ڪري سگهون، اميد هئي ته وزيراعظم ٻڌائيندو حڪومت جو پلان ڇا آهي؟ پر بدقسمتي سان هتي تعليم واري وزير جو ليڪچر ٻڌڻ لاءِ مليو. پ پ چيئرمين چيو ته پاڪستان سڙي رهيو آهي ۽ وزيراعظم پارليامينٽ مان گم آهي، ضروري آهي ته وزيراعظم ۽ گهرو وزير پنهنجي ذميواري پوري ڪن.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *