ڪراچي (م ڊ ) ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ٽيڪس نظام ۾ بهتري لاءِ رڳو سڌارن جي ضرورت آهي. ڪراچيءَ ۾ تقريب کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي اسد عمر چيو ته پاڪستان چين جو پراڻو ڀائيوار آهي، سي پيڪ عظيم پروگرام آهي، وڏا وڏا منصوبا عوام سان واڳيل آهن، چين جي تجربي سان اسان جي زرعي شعبي کي ڀرپور فائدو ملندو. هن چيو ته بنيادي طور سي پيڪ ٻن ملڪن جو منصوبو آهي، سي پيڪ سان جڙيل رٿائن تي ٽئين ڌر جي حوالي سان ڳالهائي سگهجي ٿو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان چين سان پراڻن لاڳاپن جو فائدو نه ورتو آهي، جڏهن ته ٽيڪس نظام ۾ بهتري ڪا راڪيٽ سائنس ناهي، رڳو سڌارن جي ضرورت آهي.