رستا بند ڪرڻ ۽ عوام کي تڪليف ڏيڻ جي اجازت نٿو ڏيان، حڪومت عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪندي: وزيراعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪندي رستا بند ڪرڻ ۽ عوام کي تڪليف ڏيڻ جي اجازت نٿو ڏيان ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي احتجاج بنا جواز آهي وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ شهريارآفريدي امن امان جي صورتحال تي ڄاڻ ڏني ڪابينه اجلاس ۾ يو اين امن مشن بابت پاڪ چين ٺاهه، ميجر جنرل فياض حسين شاهه جي آءِ جي ايف سي بلوچستان مقرري جي منظوري ڏني ويئي ڪابينه اجلاس ۾ ميجر جنرل راحت حسين جي آءِ جي ايف سي ڪي پي طور مقرري، ريڊيو پاڪستان بورڊ جي نئين سر تنظيم ۽ ايل اين جي ٽرمينلز جي ڊائريڪٽرز جي مقرري به منظوري ڏني ويئي وفاقي ڪابينه چيئرمين ويج بورڊ جي استعيفا منظور ڪئي ويئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *