اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نه ڪڏهن عدالت جي توهين ڪئي آهي ۽ نه ڪڏهن ائين ڪرڻ جو سوچي سگهان ٿو ۽ اسان قانون موجب هلنداسين جڏهن ته ملڪ وزيراعظم عمران خان جي پاليسين موجب هلندو. سپريم ڪورٽ ۾ حاضري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته منهنجو چيف جسٽس سان احترام وارو تعلق آهي، نه ڪڏهن عدالت جي توهين ڪئي آهي نه ڪڏهن ائين ڪرڻ جو سوچي سگهان ٿو، منهنجي بيان جو تعلق عدالت سان نه بيوروڪريسي سان هو، اسان قانون موجب هلنداسين، بيورو ڪريسي سان محبت ۾ ڪا به ڪمي نه ايندي. هن چيو ته جتي جتي اختيار اورانگهيا ويندا اتي قانون جو حق آهي، سپرميسي ڪنهن شخص جي ناهي آئين جي آهي، آئين تحت اختيارن تي هلنداسين، پي ٽي آءِ جي جدوجهد ئي آئين موجب حڪومت هلائڻ تي آهي، مان ادارن ۾ اختيارن ۽ توازن جي ڳالهه ڪئي آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير جو چوڻ هو ته پوليس ۾ ڪا به سياسي مداخلت ناهي، هن وقت بيورو ڪريسي بابت مسئلا آهن، پر هي ملڪ وزيراعظم عمران خان جي پاليسين موجب هلندو. فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته اعظم سواتي بابت ڪا به ڄاڻ ناهي، هو شريف انسان آهي، جهيڙا ڪنهن جا ناهن ٿيندا.