آءِ جي وزيراعظم ۽ وڏي وزير جي ماتحت آهن، وزيراعظم ايگزيڪيوٽو اختيار استعمال ڪندو: فواد

اسلام آباد (بيورو ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته آءِ جي وڏي وزير ۽ وزيراعظم کي جوابده آهي، وزيراعظم وٽ ايگزيڪيوٽو اختيار آهن جيڪي استعمال ڪندو،  اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اهو ڪئين ٿي سگهي ٿو ته آءِ جي اسلام آباد وفاقي وزير جي فون نه کڻي، فون نه کڻڻ حڪومت يا مخالف ڌر جو معاملو ناهي، آءِ جي وڏي وزير ۽ وزيراعظم کي جوابده آهي، فون نه کڻي هيرو ٿيڻ جو نظريو پکيڙيو پيو وڃي. هن چيو ته پنجن سالن دوران ڪي پي ۾ شڪايتن تي پوليس وارا بدلي ڪيا ويا، وزيراعظم ۽ وڏي وزير جا اختيار آهن، جن کي استعمال ڪيو ويندو، ممڪن ناهي ته آءِ جي، ڊي سي يا ڪو ٻيو وزيراعظم ۽ ٻين کي جوابده نه هجي. سندس چوڻ هو ته مخالف ڌر جو ايم اين اي به لک ڏيڍ لک ووٽ کڻي ايندو آهي، ادارن تي پوليٽيڪل اوور سائيٽ ضروري آهي،  وزيراعظم وٽ ايگزيڪيوٽو جا اختيار آهن جيڪي استعمال ڪندو، سپريم ڪورٽ احترام جوڳي آهي جيڪو فيصلو ڪندي قبول ڪنداسين. فواد چوڌري چيو ته  نواز شريف جي سياست ايتري رهجي وئي آهي ته ٻين سان ملڻ پارليامينٽ اچي، اي پي سي جو تڪ سمجهه ۾ نه ٿو اچي، اها اين آر او لاءِ ٿي رهي آهي پر ڪجهه به ٿي وڃي اين آر او نه ملندو، اسان چئي رهيا آهيون نه رئو هو چئي رهيا آهن ته اين آر او.  هن چيو ته شهباز شريف کي پي اي سي چيئرمين بڻايو ويو ته ڇا اجلاس جيل ۾ گهرايو ويندو، مخالف ڌر وٽ نيڪ ۽ پاڪ ماڻهو آهن ئي نه جنهن تي هٿ رک تنهن خلاف نيب ۾ 6 ڪيس هلي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته نواز شريف، شهباز شريف ۽ آصف زرداري چاهين ٿا ته ڪيس نه هلايو وڃي، عمران خان چوي ٿو ته ڪو به اين آر او نه ملندو. فواد چوڌري چيو ته  وزيراعظم جو گهر سي ڊي اي جي حدن ۾ نه ٿو اچي، سندس گهر موهڙه نور يونين ڪائونسل جي حدن ۾ اچي ٿو،  30 سال پهريون هي گهر ماضيءَ جي قانون تحت ٺاهيو ويو. هن چيو ته ٻن ڏينهن ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 1450 پوائنٽس جو اضافو ٿيو آهي، اهو حڪومت جي اقتصادي پاليسين تي سيڙپڪارن جو اعتماد جو اظهار آهي. سڌ سماءَ واري وزير چيو ته سٽيزن پورٽل تي آيل شڪايتن تي عملدرآمد ڪيو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *