اسلام آباد (بيورو) سموري ملڪ ۾ اڄ ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جا جلوس ڪڍيا پيا وڃن. ملڪ جي مختلف شهرن ۾ موبائيل فون سروس معطل آهي جڏهن ته ڪيترن ئي شهرن ۾ ٻيلهه سواري تي پڻ بندش آهي. ڪراچي ۾ ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جو مرڪزي جلوس نشتر پارڪ ۾ مرڪزي مجلس کانپوءِ برآمد ٿيندو. جيڪو پنهنجي راويتي رستن کان ٿيندو آهي حسينيه ايرانيان امام بارگاهه ۾ پڄاڻي تي پهچندو. جلوس ۾ شرڪت ڪندڙن ظهر جي نماز امام بارگاهه علي رضا ايم اي جناح روڊ تي ادا ڪئي. ان موقعي تي ڪراچي سميت سنڌ جي 9 ضلعن ۾ موبائيل فون سروس بند ڪئي وئي آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت طرفان ٻيلهه سواري تي پڻ هڪ ڏينهن لاءِ بندش آهي. سنڌ جي ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ به ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جون مجلسون ۽ جلوس ڪڍيا پيا وڃن. لاهور ۾ چاليهي جو مرڪزي جلوس حويلي الف شاهه کان برآمد ٿيڻ کانپوءِ روايتي رستن کان ٿيندو رات يارنهن وڳي ڪربلا گامي شاهه تي پڄاڻي تي ختم ٿيندو جڏهن ته جلوس مختلف هنڌن تي پڻ ترسندو ۽ ذاڪر شهادت جي فلسفي بابت شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندا. جلوس جي رستن تي سبيلون پڻ لڳايون ويون آهن، جلوس ۾ شرڪت ڪندڙن لاءِ کير ۽ شربت جو بندوبست ڪيو ويو آهي جڏهن راولپنڊي ۾ به موبائيل فون سروس معطل رهندي. راولپنڊي ۾ ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جو مرڪزي جلوس امام بارگاهه عاشق حسين تيلي محلي تان برآمد ٿيندو جيڪو ٽرنڪ بازار، بئنڪ چوڪ کان ٿيندو فوارا چوڪ پهچندو جتي مجلس ٿيندي جڏهن جلوس رات دير سان قديمي امام بارگاهه تي پڄاڻي پهچندو. ملتان ۾ مختلف علائقن مان نو ننڍا جلوس برآمد ٿيندا جڏهن ته جلوس منهجند 12 هين وڳي امام بارگاهه جواديه کان برآمد ٿيندا ۽ پنهنجي روايتي رستن کان ٿيندو رات نائين وڳي آستانا لعل شاهه تي پڄاڻي تي پهچندو. ملتان ۾ موبائيل فون سروس بند رهندي. ڪوهاٽ ۾ چاليهي جا ٻه جلوس ڪڍيا پيا وڃن جن ۾ پهريون ماتمي جلوس حسينيه رضويه کان صبح نائين وڳي برآمد ٿيڻ کانپوءِ پنهنجن روايتي رستن تان اڳتي وڌي رهيو آهي جيڪو ميلاد چوڪ تي ختم ٿيندو جڏهن ته ٻيو جلوس امام بارگاهه سيد حبيب شاهه کان برآمد ٿيندو جيڪو زيارت سيد عليم غازي وٽ پهچي پڄاڻي تي پهچندو. ڪوهاٽ شهر ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ ڏهن ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. سموري ملڪ ۾ جتي جتي ڪربلا جي شهيدن جو چاليهي جا جلوس ڪڍيا پيا وڃن اتي ٽريفڪ جا متبادل رستا ڪڍيا ويا آهن ته جيئن ٽريفڪ جي رواني متاثر نه ٿئي جڏهن ته سيڪيورٽي جا به سخت انتطام ڪيا ويا آهن. مختلف شهرن ۾ ڪنٽرول روم به قائم ڪيا ويا آهن جتي سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي مدد سان جلوسن جي نگراني ڪئي پئي وڃي.