چيف جسٽس جي گهرائڻ تي اڳ به حاضر ٿيو آهيان ۽ هاڻي ٻيهر ويندس: مراد علي شاهه

ڀٽ شاهه (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه چيو آهي ته چيف جسٽس جي گهرائڻ تي اڳ به حاضر ٿيو آهيان ۽ هاڻي اڄ ٻيهر ويندس ڀٽ شاهه ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته چيف جسٽس جڏهن به گهرائيندو مان حاضر ٿي ويندس سندس گهرائڻ تي اڳ به ان وٽويو هيس ۽ هاڻي ٻيهر پيش ٿي ويندس وڏي وزير چيو ته ميگا مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ۾ سنڌ حڪومت کان جيڪا به ڄاڻ گهري وئي هن ڏيئي ڇڏي آهي ۽ ان ڏس ۾ جي آءِ ٽي سان تعاون ڪيو ويندو مرادعلي شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ جو گورنر اڃا سياست ۾ نئون آهي کيس ڪجهه سمجهڻ ۾ وقت لڳندو ٿر جي صورتحال ۾ هن چيو ته ٿر ۾ آر او پلانٽس پيپلزپارٽي ئي لڳايا آهن ۽ جيڪي بند ٿيا آهن اسان ڏسي رهيا آهيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *