اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پوليو کان پاڪ پاڪستان قومي جي ترجيحي آهي شهيد بينظير ڀٽو پاڪستان مان پوليو جي پاڙ پٽڻ جو خواب ڏٺو هو پوليو جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ جيڪي رضاڪار پنهنجا سر تري تي رکي ڪم ڪري رهيا اهن اهي قوم جو اصل هيرو آهن هن چيو ته مان انهن رضاڪارن کي سلام پيش ڪيان ٿو جيڪي پوليو مهم دوران شهيد ٿي ويا.