سکر (بيورو) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ وفاقي وزير فيصل واوڊا کي وال مين جي نوڪري ڏيڻ جي آڇ ڪري ڇڏي. سکر ۾ ميڊيا ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو آهي ته گهٽ عقل وارا ماڻهو 18 هين ترميم رول بيڪ ۽ اين ايف سي ۾ حصو گهٽ ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، حڪومت ۾اچڻ سولو آهي، حڪومت ڪرڻ الڳ شيءَ آهي، ڪجهه چوندس ته ڪاوڙ ڪندا، فيصل واوڊا حڪومت ڪرڻ سکي ڌمڪيون نه ڏي، سنڌ پاڪستان جو حصو آهي، مدد ڪريو احسان نه ٿيندو. وڏي وزير چيو ته فيصل واوڊا چيو ته پاڻيءَ جو وال بند ڪري ڇڏيندس، هو وال ۾ ناهي، کيس وال ۾ نوڪري گهرجي ته مان ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته نواز شريف ڪراچي لاءِ 25 ارب رپين جو اعلان ڪيو پر 25 رپيا به خرچ نه ڪيا.هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير جو چوڻ هو ته چيف جسٽس جيڪو رڪارڊ گهري رهيو آهي اهو اسان فراهم ڪري رهيا آهيون، جي آءِ ٽي ورڪس اينڊ سروسز ۽ ايري گيشن جي 46 ڪنٽريڪٽرن جا تفصيل گهريا آهن. 27 هزار اڪائونٽ آهن، فهرست ۽ اسٽيٽمنٽ ننڍو ڪم ناهي، ٻن، ٽن ڏينهن ۾ نٿو ٿي سگهي. مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت ماڻهن کي گهر ڏئي رهي آهي، اها سٺي ڳالهه آهي، 50 لک گهرن جي لاڳت 180 ارب ڊالر ٻڌو آهي، سي پيڪ ۾ 35 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري آهي، سي پيڪ ۽ ملڪ جي 25، 20 سال جي، جي ڊي پي ملائي ڪري به پيسا پورا نٿا ٿين.