اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف احتساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين جي سوالن جو ڪو جواب نه ڏنو ۽ مريم نواز کي هدايت ڪئي ته اها جواب ڏئي. نواز شريف نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ اسلام آباد جي احتساب عدالت پيش ٿيو، جتي صحافين کانئس سوال ڪيا. اڳوڻي وزيراعظم صحافين جي سوالن جا جواب ڏيڻ کان پاسو ڪيو ۽ هر سوال جي جواب جي ذميواري پارٽي ترجمان مريم نواز تي وجهي ڇڏي. هڪ صحافي نواز شريف کان سوال ڪيو ته موجوده سياسي منظر نامي ۽ ملاقاتن کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ ان تي هن وراڻيو ته جواب مريم نواز ڏيندي ۽ پارٽي قائد جي اشاري تي ترجمان جواب ڏنو ته حڪومت جي نااهلي برقرار رهي ته سياسي منظرنامو تبديل ٿيندو. هڪ ٻئي صحافي جي سوال ته ڇا توهان آصف علي زرداري سان ملاقات ڪندئو؟ تي پڻ نواز شريف پارٽي ترجمان کي جواب ڏيڻ جو چيو ۽ مريم اورنگزيب جواب ڏيندي چيو ته آصف زرداري جي بيان تي پارٽي سطح تي جائزو وٺي رهيا آهيون.27