ڪراچي (هه آ) ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ قدرتي وسيلن سان مالامال آهي ۽ هتي سيڙپڪاريءَ جي وڏا موقعا موجود آهن ۽ سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ يونٽ ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ ون ونڊو واري سهولت فراهم ڪئي آهي. هن اها ڳالهه اڄ سومر ڏينهن جرمن سيڙپڪارن پاران “ميڊ ان پاڪستان وٿ جرمن انجنيئرنگ” جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪئي، جنهن جو اهتمام جرمن – پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (جي پي سي سي آءِ) هڪ مقامي هوٽل ۾ ڪيو. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ مختلف شعبن جهڙوڪ توانائي بشمول رينيوئيبل ۽ فوسل فيول، انفرااسٽريڪچر، زراعت-ڪوآپريٽ فارمنگ، ٽيڪسٽائل، سٽي ڊزائن، هيوي انجنيئرنگ، پبلڪ ٽرانسپورٽ، فارماسٽيڪل سميت مختلف ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جا وسيع موقعا موجود آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪراچيءَ ويجهو گهارو ۽ جهمپير ۾ وسيع ونڊ ڪوريڊور آهي جتان 50 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي پر اسان 20 رٿائن مان 1035 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهيون ۽ اهي رٿائون جيڪي لڳائڻ واري مرحلي ۾ آهن انهن مان وڌيڪ 200 ميگاواٽ بجلي حاصل ٿيندي. هن چيو ته صوبائي حڪومت سولر انرجيءَ تي ڪم ڪري رهي آهي ان لاءِ سڄي سنڌ موجود آهي جتي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ سولر پئنل لڳائي سگهجن ٿا. هن چيو ته پي پي پي موڊ تحت ٻهراڙي وارن علائقن ۾ اسمارٽ، مني، مائڪرو گرڊس قائم ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته اسان مانجهند، ضلعي سيوهڻ ۾ هڪ 50 ميگاواٽ وارو سولر پاور پروجيڪٽ هڪ ماڊل گرڊ ڪنيڪٽوٽي سان گڏ قائم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اهڙي طرح جي رٿائن ۾ وڏي پئماني تي موقعا موجود آهن. ڪول انرجيءَ بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سنڌ صوبي ۾ ڪوئلي جا وڏا ذخيرا موجود آهن ۽ انهن جي کاڻن ۽ بجلي پيدا ڪرڻ جي حوالي جرمن ماهرن پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته اسان اسپيشل اڪنامڪ زون قائم ڪري رهيا آهيون ۽ هن جرمن ڪمپنين کي آڇ ڪئي ته اهي پنهنجون فيڪٽريون قائم ڪن. هن چيو ته سندس حڪومت جرمن ڪمپنين کي اتي فيڪٽريون قائم ڪرڻ جي حوالي سان مڪمل سهڪار ڪندي. هن چيو ته ان ڪانفرنس جي ٿيم “ميڊ ان پاڪستان وٿ جرمن انجنيئرنگ” سان تمام خوشي ٿي آهي ۽ هاڻ وقت اچي ويو آهي ته اسان ان ٿيم کي حقيقت جو روپ ڏيون. هن چيو ته اها ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ جرمن سيڙپڪارن کي آڻيندي. مراد علي شاهه جي پي سي سي آءِ جي صدر قاضي سجاد علي پاران ڪراچيءَ ۾ ان ڪانفرنس جو اهتمام ڪرڻ واري ڪاوش جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته ڪراچي صنعت ۽ تجارت جو حب آهي ۽ هتي بندرگاهه، ايئرپورٽ، ريل نيٽورڪ، سٺي ٽرانسپورٽ جي سهولت سميت هنرمند ۽ غيرهنرمند محنت ڪندڙ دستياب آهن. ان موقعي تي توانائي وارو صوبائي وزير امتياز شيخ، ڪراچي ۾ مقرر جرمن قونصل جنرل ايوگني وولفارٿ، سينئر منسٽريل ڪونسلر ٿا باوارين، اسٽيٽ منسٽري آف اڪنامڪ افيئرز، ميڊيا، انرجي اينڊ ٽيڪنالاجي، ميونخ پل اَلرچ ڪونسٽينٽن رائيجر ۽ ٻين خطاب ڪيو.