رليف ڏيڻ جي ڳالهه ڪندڙن عوام تي مهانگائي جو جبل ڪيري ڇڏيو: احسن اقبال

نارووال (م ڊ) ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته تحريڪ انصاف حڪومت جي اقتصادي پاليسين عوام جون رڙيون ڪڍي ڇڏيون آهن،  100 ڏينهن ۾ رليف ڏيڻ جي ڳالهه ڪندڙن عوام تي مهانگائي جو جبل ڪيري ڇڏيو. صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته گئس ۽ بجلي اگهن ۾ تاريخي اضافو ڪيو ويو، ڪنهن ٻار کي رانديڪو ملي ته اهو به ان کي ابتو ڪري ڏسندو آهي ته ڪيئن هلايو وڃي، هي چون ٿا ناڻو خالي آهي، ڪهڙي حڪومت چوندي آهي ته ناڻو ڀريل مليو آهي؟. سندس چوڻ هو ته اسان انهن کي کلندو کائيندو پاڪستان ڏنو، بجلي جي لوڊشيڊنگ زيرو هئي، دهشتگردي ختم هئي، 18 مهينا پاناما جي نالي تي سياسي ٿيٽر لڳايو ويو، سازش ۾ عمران خان اڳڀرو هو، اسان لاءِ ڦاهو تيار ڪندڙ اڄ پاڻ تڙپي رهيا آهن.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *