فليگ شپ ريفرنس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي، واجد ضياءٌ پنهنجو بيان جاري رکندو

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گادي واري شهر جي احتساب عدالت نمبر ٻه نواز شريف خلاف فليگ شپ انويسٽمنٽ ريفرنس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ريفرنس جي ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج محمد ارشد ملڪ ڪئي. فريادي ڌر جي اهم شاهد واجد ضياءَ فليگ شپ انويسٽمنٽ ريفرنس ۾ اڄ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو. پاناما جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءَ سڀاڻي ٻئي ڏينهن به پنهنجو بيان جاري رکندو. اڄ ٿيندڙ ٻڌڻي ۾ ٽرائل مڪمل ڪرڻ جي مدي ۾ واڌ بابت سپريم ڪورٽ جي حڪم نامي جي ڪاپي عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. جج ارشد ملڪ چيو ته سپريم ڪورٽ ان کانپوءِ وڌيڪ وقت نه ڏيڻ جو چيو آهي. واجد ضياءَ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندي عدالت کي ٻڌايو ته هن ريفرنس بابت سوال اهو هو ته فليگ شپ انويسٽمنٽ لاءِ رقم ڪٿان آئي؟ اهو پڻ معلوم ڪرڻو هو ته ڇا نواز شريف جا ڪي اهڙا اثاثا آهن جيڪي سندس آمدني کان وڌيڪ آهن؟ جي آءِ ٽي کي پنهنجو ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ محدود وقت ڏنو ويو هو، پنج مئي 2017 تي سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي ميمبرن جي نالن جو اعلان ڪيو ۽ ايف آءِ اي کان ايڊيشنل ڊائريڪٽر سطح جي فردن جا نالا جي آءِ ٽي لاءِ طلب ڪيا. سندس چوڻ هو ته ايس اي سي پي، نيب، اسٽيٽ بئنڪ، ايم آءِ ۽ آءِ ايس آءِ مان جي آءِ ٽي جي ٻين ميمبرن جي چونڊ ڪئي وئي .واجد ضياءَ عدالت کي ٻڌايو ته سمورن ادارن جي سربراهن کان جي آءِ ٽي لاءِ نالا طلب ڪيا ويا هئا، ايف آءِ اي طرفان موڪليل نالن ۾ منهنجو نالو به شامل هو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي کي ڪجهه سوال ڏنا هئا جن جو پتو لڳائڻو هو . سوال اهي هئا ته گلف اسٽيل ڪيئن ٺهي؟ ڪيئن وڪرو ٿي، انهن جو واجبات جو ڇا ٿيو؟  قطري خط حقيقت هئا يا افسانو؟ ايون فيلڊ اپارٽمنٽ بابت به معلومات حاصل ڪرڻي هئي، حسين نواز جي قائم ڪيل ڪمپني هل ميٽل بابت به جاچ ڪرڻي هئي. واجد ضياءَ ٻڌايو ته جي آءِ ٽي طارق شفيع، شهباز شريف ۽ نواز شريف جي بيان رڪارڊ ڪيو، حسن ۽ حسين نواز جا بيان پڻ رڪارڊ ڪيا ويا، جي آءِ ٽي سپريم ڪورٽ کان به رڪارڊ حاصل ڪيو هو. واجد ضياءَ چيو ته هن سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪيل متفرق درخواستون حاصل ڪيون هيون. حاصل ڪيل سمورا دستاويز هڪ هڪ ڪري لکرائي ٿو وٺان. جي آءِ ٽي نيب آرڊيننس جي شق 21 تحت ايم ايل اي لکڻ وارن اختيارن جي درخواست ڪئي جنهن تي قانون ۽ انصاف واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ 21 اختيار ڏنا ويا. واجد ضياءَ چيو ته جي آءَ ٽي فليگ شپ ريفرنس بابت يو اي اي ۽ يو ڪي کي ايم ايل اي لکيا جڏهن جي آءِ ٽي کي يو اي اي اختيارين کان ئي ايم ايل اي جو جواب مليو. واجد ضياءَ 22 ڊسمبر 2016 جي قطري شهزادي جو خط عدالت ۾ پيش ڪيو. ٻڌڻي دوران نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث قطري شهزادي جو خط پيش ڪرڻ تي اعتراض واريا. نواز شريف جي وڪيل چيو ته قطري شهزادي کي ان ڪيس ۾ شاهد طور پيش نه ڪيو ويو. قطري شهزادي جي خط جي فوٽو ڪاپي قانون موجب تصديق ٿيل به ناهي. واجد ضياءَ طارق شفيع جو حلفي بيان عدالت ۾ پيش ڪيو ته نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث ان تي اعتراض ڪري ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته طارق شفيع نه هن ڪيس ۾ شاهد آهي ۽ نه ئي جوابدار ۽ طارق شفيغ جو حلفي بيان قانون موجب تصديق ٿيل ناهي. خواجه حارث چيو ته طارق شفيع جو حلفي بيان ثبوت طور پيش نٿو ڪري سگهجي. واجد ضياءَ 1978 ۾ اهلي اسٽيل مل جا 75 سيڪڙو شيئر وڪرڻ ۽ طارق شفيع ۽ عبدالله اهلي جي وچ ۾ 1978 جو ڀائيواري معاهدو به عدالت ۾ پيش ڪيو. هن عدالت کي ٻڌايو ته مڪمل ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ٻه ڏينهن لڳي ويندا.  ٻڌڻي دوران جج ارشد ملڪ ۽ پاناما جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءَ جي وچ ۾ اصل دستاويزن تي مڪالمو ٿيو. جج ارشد ملڪ چيو ته جيڪڏهن ڪو شاهد اصل دستاويز پاڻ وٽ رکي ۽ ڪيس فارغ ٿي وڃي ته ڪهڙو فائدو؟ واجد ضياءَ چيو ته پهرين ٻن ڪيسن ۾ اهي دستاويز عدالت ڏسي واپس ڪري ڇڏيا هئا. جج ارشد ملڪ چيو ته اسان کي خبر آهي ته دستاويز سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائڻا پوندا آهن. پر هڪ طريقيڪار آهي ان تي عمل ڪرڻ ضروري هوندو آهي. واجد ضياءَ جواب ڏنو ته توهان مونکان وڌيڪ بهتر نموني قانون ڄاڻو ٿا. جج ارشد ملڪ يو اي اي اختيارين طرفان ايندڙ جواب تي عدالتي تصديق ڪري ڇڏي. سندس چوڻ هو ته عدالتي مهر سان دستاويزن جي اصل هئڻ جي اهميت وڌي ويندي آهي. جنهن کانپوءِ احتساب عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *