اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پرڏيهه ۾ رهندڙپاڪستانين لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪرڻ وارا آهيون. هر طرح جون رنڊڪون ختم ڪنداسين جيئن ترسيلات زر ۾ اضافو ٿئي. تفصيل موجب وزيراعظم عمران خان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين سان ڊگهي ملاقات ٿي، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ اسپيشل پيڪيج جو اعلان ڪرڻ وارا آهيون ته جيئن ترسيلات زر پاڪستان موڪليندڙ پاڪستانين جي حوصلا افزائي ڪري سگهجي، اسان سموريون مشڪلاتون حل ۽ طريقڪار کي آسان بڻائي رهيا آهيون فلپائين جي مثال سامهون آهي انهن ڪاميابي سان ڇا ڇا ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته هر طرح جون رنڊوڪون ختم ڪنداسين ته جيئن ترسيلات زر ۾ اضافو ٿئي، ترسيلات زر۾ 20 بلين ڊالرن کان 30 يا 40 بلين ڊالرن اضافو ٿيندو، ترسيلات زر بئينڪنگ چينل ذريعي ايندي. هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ عمران خان چيو ته پاڪستانين کي ملڪ پهچڻ تي اميگريشن مشڪلات ختم ڪنداسين، مشن آهي ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي سارسنڀال بهتر انداز ۾ ڪنداسين. سندس وڌيڪ چوڻ هوته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ملڪيتن جو لينڊ مافيا کان تحفظ يقيني بڻائينداسين.