اسلام آباد ( بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ ۽ ريلوي واري اڳوڻي وزير خواجه سعد رفيق جي قومي احتساب بيورو ۾ التوا هيٺ ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس عامر فاروق سعد رفيق جي حفاظتي ضمانت واري درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو. ان کان اڳ سعد رفيق جي وڪيل ڪامران مرتضيٰ چيو ته نيب طرفان ڪال اپ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. نيب طرفان سندس اصيل جي گرفتاري جو خدشو آهي تنهنڪري کيس حفاظتي ضمانت ڏني وڃي. جنهن تي عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ بئنچ هتان کان 45 منٽن جي مفاصلي تي آهي درخواست گذار لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڇو نٿو ڪري؟ جنهن تي سعد رفيق ڪي وڪيل چيو ته سندس اصيل وڏي مشڪل سان هتي پهتو آهي، اُتي ويو ته کيس گرفتار ڪيو ويندو، سندس چوڻ هو ته اصيل 15 ڏينهن جي حفاظتي ضمانت جي استدعا ڪئي آهي ۽ آچر تي سندس چونڊ به ٿي رهي آهي. ان تي جسٽس عامر رمارڪس ڏيندي چيوته اسان چونڊن جا ذميوار ناهيون، ڪالهه لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪري هتي پهچي ويا آهيو. اڳوڻي وزير ريلوي ۽ سندس ڀاءَ سلمان رفيق گذريل ڏينهن نيب ۾ التوا هيٺ ڪيسن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو.