اسلام آباد (بيورو) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته وزيراعظم هن ملڪ جو چيف ايگزيڪٽو آهي ۽ بنيادي حقن جي حفاظت سندس ذميواري آهي. چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ سڄي ملڪ ۾ ڪچين آبادين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران بلوچستان ۾ ڪچين آبادين بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪچين آبادين ۾ سهولتون ڏيڻ حڪومت جو آهي، ڪچين آبادين کوڙ خاميون آهن، ڪجهه نه ڪجهه ته ٿيڻ گهرجي. چيف جسٽس ايڊيشنل اٽارني جنرل کي هدايت ڏيندي چيو ته اسلام آباد مان ڪچيون آباديون هٽائڻ تي تجويزون ڏيو، توهان اڃا تائين اسلام آباد ۾ ڪچين آبادين جو ڊيٽا ناهي ڏنو. جسٽس ثاقب نثار ايڊيشنل اٽارني جنرل کي چيو ته وزيراعظم کي چئو ته ٽائم رکي ڪچين آباديون ڏسڻ هلون ٿا، هلي ڏسون ته اُتي ڪيتريون خراب حالتون آهن، مان ته لاهور ۾ ڪچي آبادي ڏسي آيو آهيان کيس چئو ته وڃي حالت ڏسي، وزيراعظم پاڻ وڃي ڪچين آبادين ۾ رهندڙن جي حالت ڏسي، هو هن ملڪ جو چيف ايگزيڪٽو آهي، مونکي وقت ٻڌائي ڇڏيو گڏ وڃي صورتحال ڇا آهي ڏسي وٺون ٿا، ڪچين آبادين ۾ ڪاري پاڻي جا نالا ويهي رهيا آهن، ڪچيون آباديون انسانن جي رهڻ لائق ناهن. ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت ۾ موقف اختيار ڪندي چيو ته ڪچين آبادين وارو مسئلو تمام جلد حل ڪيو ويندو، وزيراعظم 50 لک گهرن جو اعلان ڪيو آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل کي جواب ڏيندي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته 50 لک گهر ٺاهڻ ماسيءَ جو گهر ناهي، 50 لک گهر ٺاهڻ ۾ وقت لڳندو، ڪبوترن جو پڃرو ٺاهيو ويندو آهي، تڏهن ان ۾ به اهو ڏٺو ويندو آهي ته ان ۾ ڪيترا رهي سگهن ٿا. جسٽس ثاقب نثار وڌيڪ چيو ته ڪميشن مقرر ڪري ڇڏيان ٿو ، اهو وڃي ڏسندو، 1996 کان وٺي هن وقت تائين ڇا ڪيو ويو آهي؟ چون ٿا تبديلي اچي وئي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جو چوڻ هو ته هتي سرڪاري گهرن جو تمام غلط استعمال ٿيندو آهي، ريٽائرڊ ماڻهو سرڪاري گهرن تي قابض آهن. چيف جسٽس ايڊيشنل اٽارني جنرل کي چيو ته وزيراعظم کي وڃي ٻڌايو، بنيادي حقن جي حفاظت وزيراعظم جي ذميوري آهي، 50 لک گهر اعلان سان نه ٺهندا. ان موقعي تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ ڪچين آبادين تي قانون موجود آهي، چيف جسٽس کيس چيو ته توهان مونکي سنڌ ۾ ڪچيون آباديون ڏيکاريو، شرط اهو آهي ته توهان جو وڏو وزير مون سان گڏ هلندو، ياد چئي ڇڏيو ته ڪچين آبادين وارا ڪيڙا مڪوڙا آهن، يا چئو ته ڪچين آبادين وارن کي بنيادي حق ناهن. عدالت لا اينڊ جسٽس ڪميشن جي سفارشون چئني صوبن کي موڪلي ۽ حڪومتن کان 4 هفتن ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو