ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش جي عدالت 2004 ۾ عوامي ليگ جي ريلي تي حملن جي ڏوهه ۾ 2 اڳوڻن وزيرن سميت 19 ڄڻن کي موت جي سزا ۽ مخالف ڌر اڳواڻ خالدا ضياءَ جي پٽ رحمان کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ڍاڪا جي خاص عدالت موجودا وزيراعظم حسينه واجد کي 2004 ۾ ريلي تي دستي بم حملي ۾ قتل ڪرڻ جي ڪوشش واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي بنگلاديش نيشنل پارٽي جي اڳواڻن، ڪارڪنن سول سوسائٽي طرفان احتجاج کي نظر ۾ رکندي عدالت ٻاهران سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا.خاص ٽربيونل بنگلاديش نيشنل پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي گهرو وزير لطف الزمان بابر ۽ تعليم واري اڳوڻي نائب وزير عبدالسلام پنٽو سميت 19 ڄڻن کي ڏوهاري قرار ڏيندي موت جي سزا جو حڪم ڏنو. عدالت فيصلي ۾ لطف الزمان بابر ۽ عبدالسلام پنٽو کي حسينه واجد جي قتل جي رٿابندي ڪرڻ جو ڏوهاري قرار ڏنو ۽ اڳوڻي وزيراعظم خالدا صياءَ جي پٽ طارق رحمان کي عمر قيد جي سزا جو حڪم ٻڌايو . جسٽس شاهد نورالدين ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي چيو ته ڏوهارين کي ڳچيءَ ۾ ڦاهو وجهي لٽڪايو وڃي. ياد رهي ته طارق رحمان بنگلاديش نيشنل پارٽي جو قائم مقام چيئرمين آهي، جيڪو 2008 کان لنڊن ۾ جلاوطن جي زندگي گذاري رهيو آهي سندس امڙ ۽ اڳوڻي وزيراعظم خالدا ضياءَ ڪرپشن ڪيس ۾ ڍاڪا جي جيل ۾ قيد آهي. بنگلاديش جي قانون واري وزير انيس الحق جو چوڻ آهي ته حڪومت طارق رحمان جي به موت واري سزا لاءِ اعليٰ عدالت سان رابطو ڪندي جڏهن ته لنڊن مان واپسي ينقيني بڻائڻ لاءِ سفارتي قدم کنيا ويندا. هوڏانهن بنگلاديش نيشنل پارٽي جو چوڻ آهي ته سياسي طور تي اڳواڻن کي سزائون ٻڌايون ويون ۽ پارٽي ان کي قبول نٿي ڪري جڏهن ته بي اين پي جي سيڪريٽري جنرل مرزا الاسلام عالمگير جو چوڻ آهي ته پارٽي اڳواڻن جي خلاف عدالتي فيصو هڪ مثال آهي ته عدليا کي سياسي انتقام لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. ياد رهي ته 2004 ۾ عوامي ليگ مخالف ڌر ۾ هئي ۽ شيخ حسينه واجد جي ريلي تي دستي بم حملي جي نتيجي ۾ 19 ڄڻا مارجي ويا هئا