اسلام آباد (بيورو ) سڌ سماءَ وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته معيشت بابت سخت فيصلا ڪيا آهن، آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جو ارادو نه هو پر هلندڙ سال ملڪ هلائڻ لاءِ 28 ارب ڊالر جي ضرورت آهي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو ته هڪ طبقو امير کان امير ترين ٿيندو ويو ۽ ٻيو طبقو غريب کان غريب ٿي ويو آهي، هڪ طبقو نزلي ۽ زڪام تي هارلي اسٽريٽ اسپتال ۾ علاج ڪرائيندو آهي، ماڻهن کي کنگهه به ٿي پوي ته لنڊن وڃي علاج ڪرائيندا آهن اسان وٽ هڪ هڪ بيڊ تي 2، 2 مريض هوندا آهن. هن چيو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ نه پئي چاهيو، اها اسان جي پاليسي ناهي پر هڪ مهيني ۽ 16 ڏينهن جا ذخيرا رهجي ويا آهن، قرض 28 هزار ارب رپين تي هليو ويو آهي، ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻو آهي، 8 ارب رپيه قرضن جي مد ۾ ادا ڪرڻا آهن، 28 ارب ڊالر ملڪ هلائڻ لاءِ گهرجن. سڌ سماءَ واري وزير چيو ته پاڪستان کي معمول موجب سڀني کي خوش ڪري نه ٿو هلائي سگهجي، هڪ طرف اسان چاهيون ٿا ته ملڪ ڦريندڙن کان پئسا ڪڍي رهيا آهيون جنهن تي گوڙ ٿي رهيو آهي، جيترو مرضي پٽڪو ڪيو وڃي، احتساب جو عمل جاري رهندو. هن چيو ته عمران خان جي هوندي ڪنهن ۾ جرئت ناهي ته پاڪستان سان هٿ چراند ڪري، ملڪي حالتن کي مستحڪم ڪرڻو آهي ته پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي ڏسڻو پوندو، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته ادارن کي رقم ملي رهي آهي ته ادارن کي رقم ملي رهي هجي ۽ اهي خساري ۾ وڃي رهيا هجن، اڄ قوم مهانگائي کي منهن ڏئي رهي آهي ته اسان جو ڏوهه ناهي، مهانگائي موجوده حڪومت جي قدمن سبب نه ٿي رهي آهي، معيشت بابت سخت فيصلا ڪيا آهن، ڏکيو مرحلو آهي، جڏهن به اڳتي وڌون ٿا ڏکيائي جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، ڏکيائي مان نڪري ئي قومون ٺهنديون آهن. فواد چوڌري چيو ته دوست ملڪن سان ڳالهيون ٿيون آهن، پاڪستان هڪ مستحڪم ملڪ ٿيندو، ملڪي مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي، ملڪ کي طاقتور ۽ مضبوط ڪري ئي دم پٽيندا. هن چيو ته شيخ رشيد ٻڌايو ته خواجه سعد رفيق پنهنجي تڪ جي 8 هزار ماڻهن کي ريلوي ۾ نوڪري ڏني آهي، اهڙي نموني ڀرتيون ڪرائڻ سان ته اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻي ئي آهي. سندس چوڻ هو ته مخالف ڌر 90 ميمبرن جي صحيحن سان ريڪوزيشن جمع ڪرائي ته قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو ويندو.